موسميات کاتي سنڌ ۾ وري مِينهن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوا جو گهٽ دٻاءُ ڀارتي گجرات تي موجود آهي، جنهن جي پکيڙ اوڀر سنڌ تائين پهچي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي جي اوڀر ۽ اتر اوڀر حصي ۾ مينهن وسي سگهي ٿو.

موسميات کاتي موجب اڄ رات تائين ڪراچي ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ٿرپارڪر، بدين، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، بينظير آباد، دادو، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ تيز برسات ٿي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.