پٽ بي ڏوهه آهي، انصاف ڪيو وڃي: جوابدار وقار جي ماءُ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ پوليس کي گرفتاري پيش ڪندڙ جوابدار وقار الحسن جي ماءُ جو بيان سامهون اچي ويو آهي، جنهن چيو آهي ته منهنجي پٽ سان انصاف ڪيو وڃي.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي جوابدار وقار الحسن جي پيرسن ماءُ چيو ته منهنجو هڪ پٽ بيمار آهي، ٻئي پٽ وقار کي جڏهن واقعي جي خبر پئي ته هن پاڻ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

سندس چوڻ هو ته منهنجا پٽ پرهيزگار آهن، انهن جي زندگي بخش ڪئي وڃي، جيڪڏهن منهنجي پٽ ۾ ڪو عيب هجي ها ته هو پيش ئي نه ٿئي ها.

وقار الحسن جي ماءُ چيو ته منهنجو پٽ ستار شاهه قلعي ۾ موٽر سائيڪلن جي مرمت جو دڪان هلائيندو آهي، هو 4 ڌيئرن ۽ 2 پٽن جو پيءُ آهي.

پيرسن عورت پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي اپيل ڪئي ته منهنجي پٽ سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.