ايل او سي تي فائرنگ، پاڪستان جو ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي گهرائي احتجاج

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪنٽرول لائن تي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.

پرڏيهي ترجمان موجب ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر گورو آهلو واليا سامهون ڀارتي فائرنگ ۽ گولي باري تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.

پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي فوج ايل او سي جي تته پاڻي ۽ رک چڪري سيڪٽرن تي بنا سبب فائرنگ ۽ گولا باري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ورهين جي ٻارڙي شهيد ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي ترجمان موجب ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي ٻڌايو ويو ته ڀارتي فوج تسلسل سان شهري آبادي کي نشانو بڻائي رهي آهي، ڀارتي اڳرائيون علائقي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن، ڀارت 2003 جي بنگبندي معاهدي جو احترام ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.