ويڳي پيءُ هٿان نوجوان ڌيءُ لڄالٽ جو نشانو بڻجي وئي

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا ۾ ويڳي پيءُ 17 ورهين جي ڌيءُ کي مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻائي ڇڏيو.

پوليس موجب واقعو گذريل ڏينهن گوجرانوالا ۾ ٿاڻي ڌلي جي علائقي ۾ پيش آيو.

رپورٽ موجب ناريءَ جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو هو، جنهن جي ماءُ ٻي شادي ڪري ڇڏي ۽ ويڳي پيءُ گهر ۾ اڪيلي هجڻ جي ڇوڪريءَ کي مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻايو.

ناريءَ جي رڙين تي پاڙي وارن پهچي پوليس کي گهرايو، جنهن جوابدار کي گرفتار ڪري کانئس پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڇوڪريءَ کي ميڊيڪل ٽيسٽ لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.