نواز شريف نيب حراست ۾ ايڏو بيمار ڪيئن ٿي ويو؟ مريم نواز جا سنگين سوال

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز چيو آهي ته اها تحقيق باقي آ ته گهر جو کاڌو بند ڪري منهنجي پيءُ کي نيب جي تحويل ۾ ڪهڙو کاڌو ڏنو ويو؟

ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي مريم نواز لکيو ته نيب ۾ اها ڪهڙي خوراڪ ڏني وئي جو اوچتو نواز شريف جي بيماريءَ ۾ شدت اچي وئي، ان جا پليٽيليٽس خطرناڪ حد تائين وڌي ويا ۽ کيس هارٽ اٽيڪ به ٿيو.

هن پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز جي حوالي سان به سوال اٿاريو ته ڪال ڪوٺڙي ۾ قيد اڪيلي قيدي کي ڪورونا ڪيئن ٿي ويو؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.