ڪراچي: لياري ۾ ٻه ماڙ عمارت ڊهي پئي، 2 ڄڻا فوت، 9 زخمي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لياري جي بهار ڪالوني ۾ ڪوئلي گودام ڀرسان ٻه ماڙ رهائشي عمارت ڊهي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

پوليس طرفان جاري ڪيل بيان موجب حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت، جڏهن ته 9 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.

عمارت جي ملبي مان لاشن ۽ زخمين کي ڪڍي سول اسپتال نيو ويو آهي، جڏهن ته ريسڪيو جو عمل جاري آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي زخمين جي تڪڙي علاج لاءِ بندوبست ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هن جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي تفصيلي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي.

هوڏانهن گورنر عمران اسماعيل پڻ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ ٻي عمارت ڪِري پئي، ڪنهن نه ڪنهن کي ته نقصان جو ذميوار قرار ڏيڻ جي ضرورت آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان کي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي لاءِ پنهنجي حڪمت عملي نئين سر جوڙڻ جي ضرورت آهي، اها ڪنهن به طور ڪم نه پئي ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.