ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بنا سبب فائرنگ، ٻارڙي شهيد، 4 زخمي

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج جي ڪنٽرول لائن تي بنا سبب فائرنگ ۾ هڪ ٻارڙي شهيد ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج سيز فائز معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي رک چڪري سيڪٽر ۾ سويلين آبادي کي نشانو بڻايو، ڀارتي فوج طرفان آٽوميٽڪ ۽ هيوي مارٽر گولن سان شهري آبادي کي نشانو بڻايو ويو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته ڀارتي شرپسندي جي نتيجي ۾ 11 ورهين جي ٻارڙي شهيد، جڏهن ته 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن ۾ 75 ورهين جي عورت ۽ ٻه ٻار شامل آهن.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته پاڪستاني فوج طرفان ڀرپور جواب ڏيندي ڀارتي پوسٽن تي حملو ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.