موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ هڪ جوابدار گرفتاري ڏئي ڇڏي، الزام رد

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ نامزد جوابدار وقار الحسن پاڻ پوليس کي گرفتاري ڏئي ڇڏي.

لاهور سيالڪوٽ موٽر وي تي گجرپورا ڀرسان عورت سان لڄالٽ جي ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ عورت سان زيادتي جي الزام ۾ نامزد هڪ جوابدار وقار الحسن سي آءِ اي ماڊل ٽائون ۾ پيش ٿي پنهنجي گرفتاري ڇڏي ڏئي آهي، جڏهن ته پوليس طرفان جوابدار کان تفصيلي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب جوابدار مائٽن جي دٻاءَ سبب ماڊل ٽائون پوليس جي روبرو پيش ٿيو، هن پوليس کي ٻڌايو ته عابد سان ٻين ڪيسن ۾ شريڪ جوابدار رهيو آهيان پر موٽر وي زيادتي ڪيس سان منهنجو ڪو واسطو ناهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وقار الحسن پوليس کي ٻڌايو ته سندس سالو عباس ان جي فون استعمال ڪندو هو، عباس جوابدار عابد سان رابطي ۾ هو، عباس مون سان گڏ پوليس سامهون پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو پر هو به جلد پنهنجي گرفتاري پيش ڪندو.

ذريعن موجب وقار الحسن موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس سالو عباس مک جوابدار عابد سان گڏ وارداتون ڪندو هو ۽ هو عابد سان رابطي ۾ آهي.

سي آءِ اي پوليس جوابدار وقار الحسن جي فوري طور ڊي اين اي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ جوابدار جا ڊي اين اي نمونا پنجاب فرانزڪ سائنس ايجنسي جي ٽيم وٺي ڇڏيا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سي آءِ اي وقار الحسن کي انويسٽيگيشن پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ جوابدار کي جلد اعليٰ آفيسرن سامهون پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

هوڏانهن ڊي پي او شيخوپورا جي ترجمان جو چوڻ هو ته وقارالحسن خلاف ڏوهن جي ڪا هسٽري ناهي، سندس پيءُ ۽ ڀاءُ خلاف جنوري 2015 ۾ جهيڙي ۽ چوري جو ڪيس شيخوپورا فيڪٽري ايريا ٿاڻي ۾ داخل ٿيو هو پر ان ڪيس ۾ پاڙي وارن ٺاهه ڪري ڇڏيو هو.

واضح رهي ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ آءِ جي پنجاب انعام غني گذريل ڏينهن موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ ملوث ٻن جوابدارن عابد ۽ وقار الحسن جي نشاندهي ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.