حب ۾ قبرستان اهم مسئلو بڻيل آهي: مولانا شاهه محمد صديقي

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي)جي يو آءِ لسٻيله جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ۽ حب تعلقي جي امير مولانا شاهه محمد صديقي حب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حب جي عوام کي هن وقت اهم مسئلو قبرستان جو پيش آهي، ساڪران روڊ ۽ ڀوانني جي مقام تي واقع قبرستان ڀرجي چڪا آهن، جتي ميتن جي تدفين لاءِ ڪا به جاءِ ناهي، هن چيو ته حب شهر جي آسپاس جي ڳوٺن ۾ واقع قبرستانن ۾ ٻاهر جي ماڻهن کي تدفين جي اجازت نٿي ڏني وڃي، حب شهر جي اڪثريتي آبادي غريب آهي، جن وٽ قبرون خريد ڪرڻ جي به سگهه ناهي، هن چيو ته ضلعي انتظاميا کي لکت ۾ درخواست ڏني آهي، ان سلسلي ۾ ڊي سي لسٻيله ڊاڪٽر حسن وقار چيما ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر حب روحانه گل ڪاڪڙ سان به ملاقات ٿي چڪي آهي، ان موقعي تي حافظ هدايت الله، مفتي محمد يوسف، پائند خان، عزيز الله مينگل ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.