بوليويا، ڪار حادثي ۾ 7 ڄڻا فوت، 5 زخمي

لاپاز  (اي پي پي) ڏکڻ آمريڪي ملڪ بوليويا جي اولهندي حصي ۾ هڪ ڪار حادثي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 5 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. گهرو وزارت جي مطابق هي حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ مني بس لاپاز – ديسگاڊيرو شاهراه تي ٽرڪ کان ٽڪراجي وئي. مقامي عهديدارن ٻڌايو ته هي خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هي ٽڪر مني بس ڊرائيور جي تيز رفتار سان گاڏي هلائڻ سبب ٿيو آهي.

ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جا رڪارڊ ڪيسز

نئين دهلي  (اي پي پي) ڀارت ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 97570 نوان ڪيسز سامهون آيا آهن جيڪي هڪ ڏينن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيسن جو هڪ نئو رڪارڊ آهي. ان اضافي کانپوءِ ڀارت ۾ متاثرن جو مجموعي انگ 4.65 ملين ٿي ويو آهي. ڀارت متاثرين جي لحاظ سان آمريڪا کانپوءِ ٻئي نمبر تي آهي. مهاراشٽر سڀ کان وڌيڪ متاثره رياست آهي جتي هيل تائين 10 لک کان وڌيڪ ڄڻن ۾ ان موذي مرض جي تشخيص ٿي چڪي آهي. ڀارت ۾ ان وقت هي وائرس سڀ کان وڌيڪ تيز رفتاري سان ڦهلجي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.