ويڙهاڪ اڌيسينگھ سوڍي جو ڪردار اتم آهي: نور احمد جهنجهي

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) انگريز سامراج سان ڌرتي جي آجپي جي ويڙھ وڙهندڙ نوجوان جوڌي ننگرپارڪر معرڪي جي اهم ڪردار اڌيسينگھ سوڍي جي ياد ۾ اڌيسينگھ سوڍو يادگار ڪاميٽي طرفان شهيد بينظير ڀٽو ڪلچر ڪامپليڪس جي امر دليپ سنگھ سوڍو هال ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي،تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ناليواري ليکڪ،مُحقق نوراحمد جنجهي چيو تہ ننگرپارڪر معرڪي ۾ جتي راڻي ڪرڻ،ڪلجي،روپلي ۽ ٻين جو ڪردار آهي اُتي نوجوان ويڙهاڪ اڌيسينگھ سوڍي جو ڪردار گهڻو اتم آهي،ننگرپارڪر ۾ جوٽيل جنگ جو ميدان سوڍن راجپوتن سجايو هو،تنهن ڪري انهي تاريخي عظمت کي هروڀرو لڪائڻ ناانصافي آهي،سوڍن راجپوتن ننگرپارڪر ۾ جنگ جوٽي وڏي وقت تائين انگريز کي پير کوڙڻ نه ڏنا،اڌيسينگھ سوڍو ڌرتي جو سپوت آهي،مهمانِ خاص طور ڳالهائيندي ماما جمن دربدر چيو تہ ڌرتي لاءِ پنهنجي سر جو نذرانو ڏيندڙ هر ماڻهو اسان جو هيرو آهي، اعزازي مهمان طور ڳالهائيندي ليکڪ اديب خالد ڪنڀار چيو تہ تاريخ اهڙو موضوع آهي جنهن ۾ سدائين تحقيق جي گنجائش هجي ٿي،ننگرپارڪر جي تاريخ کي پڻ نئين سر سان لکڻ جي ضرورت آهي، خطاب ڪندي ليکڪ اديب مشڪور ڦکڪاري چيو تہ سنڌ جي سموري تاريخ سان ويڌن ٿيل آهي،جنهن کي نئين سر ڇنڊي ڇاڻي لکڻ جي گهرج آهي، تقريب کي حاجي ساند،امر رائسنگھ راجپوت،جڳتڏان چارڻ،سومار دل،شهاب نهڙيو،رڻجيت سنگھ،کمان سنگھ سوڍو،پرٿوي سوڍو،مير بليدي ۽ ٻين خطاب ڪيو،خوبصورت شاعر امام جنجهي نظم پيش ڪيو،ناليواري راڳي ذوالفقار لنڊ لطيف جي وائي پيش ڪري سحر طاري ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.