گڊو ۾پاڻي وهڪرن ۾ لاٿ، سکر بئراج وٽ وچولي ٻوڏ برقرار

گڊو (ن ع آ) گڊو بئراج وٽ پاڻي جي وهڪرن ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي. هن وقت گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 30 هزار 632 ڪيوسڪ جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 2 لک 98 هزار 682 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. سکر بئراج وٽ وچين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي. سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 72 هزار 850 ڪيوسڪ جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 4 لک 29 هزار 90 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 31 هزار 829 ڪيوسڪ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 19 هزار 824 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.