جيڪب آباد لڳ شاخ کي گهارو، ڳوٺ پاڻي هيٺ، رهواسي پريشان

جيڪب آباد(رپورٽ:سڪندر علي سرڪي) جيڪب آباد ۾ احمد ميان سومرو شاخ کي گهارو. سوين گهر پاڻي ۾ ٻڏي ويا. اطلاع تي آبپاشي عملو پهچي ويو چئن ڪلاڪن بعد گهاروبند گهر جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء هيوي جرنيٽر لڳايو ويو خبر موجب جيڪب آباد جي وارڊ  هڪ يوسي دستي ڳوٺ احمد ميان سومرو ۾ احمد ميان سومرو شاخ کي آبادي طرف کان 30فوٽ گهارو لڳي پيو صبح جو چئين وڳي لڳل گهاري جو پاڻي تيز رفتاري سان سومرا برادري جي گهرن گهٽين ۾ داخل ٿي ويو جڏهن ته چئن ڪلاڪن تائين وهندڙ گهاري جي پاڻي پلاٽن ۾ به ڪاهي پيو جڏهن ته اربيلو سومرو سميت ٻن پورهيتن جا ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي پيا هوڏانهن اطلاع تي ايس ڊي او آبپاشي مختيار احمد شيخ گهاري واري هنڌ پهچي ويو ۽ تپيدار ڪامل خان لاشاري به عملي سميت پهتو جن عملي ۽ ٽريڪٽرن جي مدد سان هڪ ڪلاڪ اندر گهارو بند ڪري چڏيو ان سلسلي ۾ ايس ڊي او مختيار احمد شيخ ٻڌايو ته گهرن ۾ داخل ٿيل پاڻي هيوي مشينون لڳائي جلد کان جلد نيڪال ڪيو ويندو آخري اطلاعن تائين گهاري جو پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.