خيرپور اينٽي ڪرپشن ٽيم جو گمبٽ ۾ ڇاپو، تپيدار گرفتار

خيرپور ( س  ر)  اينٽي ڪرپشن خيرپور جي ٽيم سرڪل آفيسر خيرپور جنسار علي سومرو جي هدايتن تي گمبٽ ڀرسان  ڪاروائي  ڪندي روينيو کاتي جي تپيدار کي رشوت وٺندي گرفتار ڪري ورتو آهي، هن سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي خيرپور جي  سرڪل آفيسر جنسار علي سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي اينٽي ڪرپشن پوليس ڪاروائي ڪري گمبٽ تعلقي جي ديهه ڄامڙا جي تپيدار محمد عارف آرائين  کي  فوتي کاتو ٺاهي ڏيڻ عيوض رشوت وٺندي ثبوتن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن جي مٿان قانون موجب ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، سرڪل آفيسر جنسار علي سومرو وڌيڪ خيرپور ضلعي ۾ ڪرپشن ڪندڙن خلاف گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي،هن چيو ته ڪرپشن ڪندڙ آفيسر ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي کيس قانون جي گرفت ۾ اچڻو پوندو، هن چيو ته ڪنهن شهري کي شڪايت آهي ته رابطو ڪري عوام جي خدمت ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي ،ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻ اسان جو مشن آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.