ٿر ۾ پهريون ڀيرو ٺڪر نوجوان پاران ميگهواڙ ناري سان پرڻو ڪرڻ جي دعويٰ

ڏيپلو(رپورٽ: ساگر ڏيپلائي) ڏيپلو لڳ ست مهينا اڳ ناري پاران خودڪشي واري واقعي جو جوابدار پاران ڊرامائي سين ، جوابدار   ناري کي مائٽن پاران قتل ڪرڻ جي ڪورٽ ۾  پٽيشن داخل، مون ناري سان شادي  ڪئي هئي جنهن تي مائٽن قتل ڪيو۔ جوابدار ٿيل شادي جو ڪوڙو سرٽيفڪيٽ به ڪورٽ ۾ ڏئي ڇڏيو۔ پوليس  شادي ۽ مائٽن پاران قتل واري الزام کي ڊرامون قرار ڏئي ڇڏيو۔ ٻئي  ڌريون پوليس سميت  ڪورٽ طلب ۔ خبر موجب ڏيپلو جي ڳوٺ ڪوئنرل ۾ ست  مهينا اڳ 16 سالن جي غير شادي شده ڳورهاري نوجوان ناري ليلان ڌي سوجو ميگهواڙ گهر اندر خودڪشي ڪئي هئي۔ جنهن جو مائٽن ڏيپلو  ٿاڻي تي ڪيس ڳوٺ جي اوباش نوجوان ڪونپجي ٺڪر  ڪيو ويو۔ پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ ڊي اين  اي ٽيسٽ اچڻ بعد پوليس مک  جوابدار ڪونپجي ٺڪر کي گرفتار  ڪري لاڪپ ڪيو۔ ناري  جي مائٽن جو چوڻ آهي ته هنن منهنجي ڇوڪري سان زبردستي زيادتي ڪئي ۽ بعد ۾ ڳوٺ جي چڱن مڙسن  ڪارنهن  جو الزام هڻندي اسان کي ڳوٺ مان لڏي وڃڻ جون  ڌمڪيون ڏنيون  ويون۔ جيڪو منهنجي نياڻي صدمون برداشت نه ڪندي خودڪشي  ڪئي۔ جوابدار ڪونپجي ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد ڪيس کان  بچڻ  ۽  ناري جي مائٽن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳو۔ ان بعد جوابدار هڪ ڊرامائي سين اختيار  ڪندي ناري  سان شادي هجڻ ۽ ناري کي مائٽن پاران قتل ڪرڻ جو الزام هڻندي ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو۔ جوابدار ڪونپجي ڪورٽ  ۾ موقف ڏيندي  چيو ته ناري ليلان ڌي سوجو ميگهواڙ سان مون شادي ڪئي هئي ۔ رخصتي ۾ ڪجھ رڪاوٽون هيون ۽ اها ڳاله ڇوڪري جي مائٽن کي پسند نه  آئي ۽ مائٽن ڇوڪري کي قتل ڪري خودڪشي جو ڊرامون ڪيو ۽ مون مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔ منهنجي گهر واري ست مهينا حمل سان هئي ان ڪري منهنجي گهرواري جي مائٽن مٿان ٻٽي قتل جو ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي۔ جوابدار ٿيل شادي جو ڪوڙو جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ به ڪورٽ ۾ پيش  ڪيو آهي۔.  ڪورٽ پوليس کي رپورٽ ڏيڻ سميت ٻنهي ڌرين کي پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو۔جڏھن ته مٺي جي عدالت ڏيپلي ڀرسان ڳوٺ ڪوئنرل ۾ آپگهات ڪندڙ ناري کي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ بااثر جوابدار ڪونپجي ٺڪر پاران ناري سان پرڻو ڪرڻ جي حوالي داخل پٽيشن جي ٻڌڻي سندس وڪيل جي نه اچڻ سبب 15 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالھئيندي پٻجي مھراج جي پٽ سونو مھراج ڪرشن مھراج ٻڌايو ت منھنجي والد صاحب اھڙي ڪاب شادي ن ڪرائي آھي سراسر ڪوڙ آھي منھنجو پي فوت ٿئي کي ٻ سال ٿي ويا آھن ڪيتر عرصي کان بيمار ھو جيڪو ھلڻ کان لاچار ھو اھو سڄو ڊرامون ٺڪر ڪري رھيا آھن.  ٿر۾ خودڪشي جو پھريون ڪيس آھي جنھن کي ڏيپلي پوليس جي اڳوڻي ايس ايچ او شيرخان لغاري ڪوششون ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيس داخل ڪري پنھنجي انجام تي پھچايو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.