شڪارپور پوليس جو موٽرسائيڪلن جي ريس تي ڇاپو، 8 ڄڻا گرفتار

شڪارپور/سلطان  ڪوٽ  (نمائندن وٽان )  ايس ايس پي شڪارپور جي هدايتن تي   سي آءِ اي انچارج آغا شڪيل پٺاڻ پنهنجي پوليس اٽالا ساڻ ڪري خفيه اطلاع تي جيڪب آباد روڊ نزد چوهي شاخ تي موٽرسائيڪلن جي ريس ٿي رهي هئي جنهن جوارين هزارين روپيا شرط رکيل هئي جنهن تي ڇاپو هڻي 08 جوارين اويس، پٽ شفيع محمد ۔ شاھ محمد، قربان پٽ فيض محمد، عبدالوهاب پٽ برڪت ڀنگوار، ظهور پٽ مولا بخش، سجاد پٽ محمد صالح ۽ اخلاق احمد پٽ عبدالواحد کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جڏهن ته    انهن جي قبضي مان 2 موٽرسائيڪليون،  هڪ لک 11000 نقد، 4  تاس جا پبنڊل، هڪ   موبائيل سميت 15  موبائل سيٽ  هٿ ڪري ورتا آھن، سي آءِ  پوليس نيو فوجداري ٿاڻي ٿي 8 جوارين خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

ڊکڻ لڳ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل اهلڪار جو ڪيس ڊرائيور خلاف داخل

ڊکڻ (ن ع آ) ڊکڻ لڳ لاڙڪاڻو-شڪارپور انڊس هاءِ وي تي بوهي قبا پوليس پڪٽ وٽ وين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويل ڊکڻ  ٿاڻي جو پوليس اهلڪار سيد غلام مرتضي شاھ کي   آلين اکين سان رڪ لڳ ڳوٺ سهڪجي جي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن ڊکڻ پوليس سرڪار پاران اي ايس آءِ رجب جيهو جي فرياد تي وين ڊرائيور غلام مصفي نصيراڻي خلاف پوليس اهلڪار کي مارڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

خانپور ويجهو هٿياربند داروغي کان موٽر سائيڪل  ڦري فرار

خانپور (ن ع آ)   خانپور ويجهو رحيم آباد ٿاڻي جي حد چوئي شاخ وٽ ھٿيار بندن ڳوٺ ٻڍاڻي سومرا جي رھواسي داروغي ڪبوتر سومرو کان موٽرسائيڪل روڪ رقم ڦرڪري فرار ٿي ويا، اھڙو اطلاع رحيم آباد ٿاڻي تي  پڻ ڏنو ويو.

شهدادڪوٽ پوليس جو جوا اڏي تي ڇاپو، 5 ڄڻا گرفتار

شھدادڪوٽ (ڊ ر) شھدادڪوٽ اي سيڪشن پوليس جوا جي اڏي تي ڇاپو ھڻي  5 ڄڻن ساجد  سيلرو، ديدار خاصخيلي،علي رضا ملڪ،طاھر ڪمبوھ ۽ ذوالفقار خاصخيلي کي جوا کيڏڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري مٿن جوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي ، پوليس موجب ڇاپي ۾ 3600 سو روپيا، ٽي موبائل فونون ۽ تاس ملي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.