نئون ڪوٽ ۾ ٻوڏ جون تباهيون، ڳوٺ ٻڏي ويا، هزارين متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل

نئون ڪوٽ (رپورٽ: زاھد مغل) نئون ڪوٽ تعلقي ڪلوئي تعقي جھڏو  ۽ عمر ڪوٽ جي ڪنري تعلقي جا   ھزارين برسات ۽ ايل بي او ڊي گھاري جا 80 سڪڙو متاثرين اڃان تائين باءِ پاس نئون ڪوٽ  ميرپورخاص  روڊ بئراجي ۽ ٿر جي ڪس واري جي دڙن واھن جي ڪس تي ويٺل آهن،  راشن ۽ ٽينٽ سياسي بنيادن تي ورھائڻ سبب حقيقي مستحق ڪارڊ ھٿن ۾ کڻي روينيو عملي ۽ اي ڊي سي ٽو ٿرپارڪر ڊي سي ٿرپارڪر جي گاڏين پٺيان ڊوڙھندا رھيا، يوسي ڀٽارو جي ڳوٺ مالھو ڊاڻي لڳ دڙي تي ويٺل متاثرين وٽ سروي ٽيم پھتي تـ ايم پي اي   جا فوڪل پرسن ٽيم کي واپس ٻئي ھنڌ کڻي وڃي . سروي ڪرائي، ۽ ڄاڻايل دڙي تي ويٺل 500 سئو کان مٿي بي گهر ٿي ويٺل متاثرين جي سروي بـ نـ ٿي.جڏهن ته  ايل بي او ڊي سم نالي کي 4 ڏينھن اڳ لڳل ٻيو گھارو جئين جو تئين تباھيون ڪرڻ لڳو آهي، نئون ڪوٽ جي سنتورو بازار جي ٻنھي پاسن کان گلين مان پاڻي بازار طرف وڌڻ لڳو وقار ڪالوني سنتورو مڪمل ٻڏڻ سبب خالي ٿي وئي آهي، جڏهن تـ ملاح پاڙي جي رھواسين ھائير سڪنڊري  اسڪول نئون ڪوٽ ۾ پناھ ورتي آهي،  ٻئي طرف لڳل گھاري کان ٻـ ھزار فوٽن تي لڳل گھارو جنھن کي ڪٽا ھڻي مڪمل بند ڪرڻ بعد ان ٽڪري جي مٽي ڀرائي پڻ سامھون واري سم نالي جي بندرن جي مٽي ڪڍي ڀريو پيو وڃي جنھن سبب ھڪ پاسو ڀرائي ڪرڻ ۽ سامھون واري پڪي ۽ سڪيل بند کي ھٿ سان ڪمزور ڪيو پيو وڃي، ٻي طرف متاثرن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي امدادي سامان فراهم ڪري واهر ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.