ڪلوئي جي برسات متاثرن جي واهر نه ٿي، کليل آسمان هيٺ ويٺل

ڪلوئي (رپورٽ : نواز بلوچ ) ڪلوئي تعلقي ۾ امداي راشن ۾ مبينا گهوٻيون ۽ پنھنجا نوازي  ڪيترائي ڳوٺ سروي نه ٿي سگهيا آهن ٻوڏ متاثرين کليل آسمان هيٺ امداد جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهن ڪنھن بہ سار نه  ڪئي آهي آيل راشن من پسند ۽ ڪامورن جي ماڻهن  حوالي، ڪلوئي تعلقي ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي آھي ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن علي محمد لنڊ نياز محمد آحمد خادم ۽ ٻين ڌانھون آهي اسان جي ڳوٺ حاجي لميون لنڊ ڍانڍو فارم درياه خان ۽ ٻين ڳوٺن جي سروي نه ڪئي وئي آهي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪلوئي مختيارڪار ڪلوئي کي بار بار درخواستون ڏنيون ڌانھون آهي ڳوٺ سروي لاء سروي عملو ٻڌڻ لاءِ تيار نه پنھنجي من پسند ڳوٺن جي سروي ڪري پنھنجا نوازي ڪري رھيا آھن . انھن سيشن جج مٺي ڊي سي او ٿرپارڪر ۽ لاڳاپيل انتظاميه کان مطالبو نوٽيس وٺي سروي عملي خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.