بدين ۾ پ پ چيئرمين جو دورو،وقتي ٽينٽ خالي، ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي

بدين ( رپورٽ : رازقڏنوکوسو ) پ پ  چئرمين جي دوري بعد ھڪ ڪلاڪ اندر ٽينٽ ۾ ويٺل سياسي ڀوتارن جا ھاري ۽ ڪجھه  غريب ٽينٽ خالي واپس گھرن طرف روانا ٿي ويا، ڪجهه ديڳون برياني جو گهرائي مالڪي ڪئي وئي،  ڊي سي بدين پاران تعلقي ٽنڊو باگو جي انتظاميه ھر صورت ۾ ٽينٽ سٽي ۾ آڻي ويھاريل ماڻھن کي اتان واپس روانو ڪرڻ لاءِ زور ڀرڻ بعد انتظاميه عمل ڪندي ٽينٽ خالي ڪرائي ڇڏيا ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر بدين جي آفيس جي اندروني ذريعي موجب ڊپٽي ڪمشنر پاران سختي سان ھدايتون جاري ڪيون ته جيڪڏھن انھن ۾ ويٺل ماڻھون واپس نه ٿيا ته اسان لاءِ وري مٿي جو سور وڌندو اھي ماڻھون روز جي بنياد تي راشن وغيره گھرندا نه ملڻ جي صورت ۾ وري روڊن تي اچي احتجاج ڪندا ، ان سان معاملا وڌيڪ خراب ٿيندا جڏھن ته جتي ايل بي او ڊي سم نالو کي گھارو لڳو آھي اتي جي بي گھرن ماڻھن جي ڪابه مالي سھتا نه ٿي سگھي آھي، ان جو سبب اھيو ٻڌايو پيو وڃي ته اتي جا ماڻھون سياسي حوالي سان  پ پ مخالف آھ ان ڪري ضلعي جرنل سيڪريٽري پ پ  به تعلقي ٽنڊو باگو سان تعلق رکي ٿو.  ان ڪري انھن علائقن ۾ پ پ چئرمين کي به نه وٺي ويا روڊ ئي روڊ تي بلاول کي بريفنگ ڏئي روڊ تنگ تي پروگرام ڪرائي وڏو حجوم ڏيکاري سياسي چمڪائو بلاول کي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ويا آھن، جڏھن ته سڀ کان وڌيڪ متاثر يوسين ۾ سرڪار جو ڪوبه ماڻھون نه پھتو آھي، ان ڪري انھن علائقن جا رھواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان آھن، مختياڪار بدين موجب اڪرم ڪنڀار عوامي آواز پاران رابطي تي ٻڌايو ته اسان ھر ممڪن متاثرن کي سھولتون فراھم ڪري رھيا آھيون جتي به ڪنھن شيءُ جي ضرورت آھي اسان اتي پھچايون پيا ٽينٽ راشن وغيره ھر جاء ۽ تعلقي ليول تي وڃي رھيو آھي ڊپٽي ڪمشنر بدين مڪمل تفصيل روز جي بنياد تي وٺي رھيو آھي اسان ڏئي رھيا آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.