گلاب لغاري ۾ برسات بعد ڪيترائي گهر پٽ،متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل

گلاب لغاري ( رپورٽ: نياز لغاري ) گلاب لغاري ۽ آس پاس ۾ برسات تباھي مچائي ڇڏي دولت رام جي زرعي زمين ۾ ويٺل 30 کان  مٿي ھارين ۽ مزدورن جا گھر آھن جن مان 15 گھر ڪري پٽ پئجي ويا رھيل گھرن ۾ پاڻي بيٺل آھي، گذريل 10 ڏيھن کان بجلي جا ٿنڀا ڪرڻ جي ڪري بجلي بند آھي، حيسڪو بجلي بھال ڪرڻ لاءِ  ڪو تحرڪ نه ورتو،  مڇرن جو آزار ڳوٺ ۾ چئو طرف پاڻي جو ڪڙو چڙھيل آھي، متاثرين جو برسات سڀ ڪجهھ لوڙھي ڇڏيو متاثرن سونو خان وڪيو خان ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جو برسات سڀ ڪجھه لوڙھي ڇڏيو آھي، اسان ڳوٺ مان نڪري مراد ڊسٽري شاخ جي ڪپر تي پنھنجي مدد پاڻ تحت ٽٽل کيما کوڙي بي يارومدگار ويٺل آھيون، ھر وقت خوف ۾ آھيون ،ٻچا بک وگھي دانھون ڪري رھيا آھن پر اسان وٽ ڪا به شئي نه بچي آھي، چيف جسٽس ۽ وڏو وزير نوٽيس وٺي مالي سهائتا ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.