ٻيلو شهر ۽ ڀرپاسي برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، فصل سڙي تباهه

ٻيلو شھر (رپورٽ: شوڪت ھالو) يوسي ٻيلو يوسي مرادپور ۽ يوسي کيرال ۾ سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريال جو تيار  فصل برسات جي گندي ۽  خاري پاڻي  سبب ٻوڏي سڙي ويو،  ڳرا خرچ ڀري تيار  ڪيل سارين جو فصل برسات جي پاڻي سبب تباھ ٿيڻ ڪري آبادگارن آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي  اچي ويا آهن، ان حوالي سان  آبادگارن ڌڻي بخش گهوٽو  شير هالو ۽ ٻين صحافين  سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته برسات جي کاري ۽ گندي پاڻي سبب سارين جون فصل سڙي تباهه ٿي ويو آهي، پر شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي،  علائقا برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهن پر پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، فصل تباهه ٿيڻ ڪري لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، آبادگارن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي رليف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.