ڪوٽ غلام محمد جا ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ ٻڏل، فصل تباهه، متاثر بي يارو مددگار

ڪوٽ غلام محمد (رپورٽ: الھداد خاصخيلي) ڪوٽ غلام محمد جي ديهه 299 جي ڳوٺ چوڌري طارق ۽ ڀرپاسي جا ڪيترائي ڳوٺ برساتن ۽ سم نالي اوور ٽاپ ٿيڻ سبب پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ڳوٺاڻن چوڌري  عالم سنگهيڙا، چوڌري   محمد هاشم، عاظم سنگهيڙا منجي مل ۽ ٻين سروي لاءِ   پهتل ميڊيا جي ٽيم کي ٻڌايو ته برساتن ۽ سم نالي جي اوور ٽاپ ٿيڻ جي ڪري اسان جا سوين ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، هزارين ايڪڙ زرعي زمينون پاڻي سان هيٺ اچي بيٺل فصل تباهه ٿي ويو آهي،   ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي، هنن ٻڌايو ته اسان جو لکين روپين جو چوپايو مال مرڻ لڳو آهي، متاثرن وڌيڪ چيو ته علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن سبب مليريا سميت مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهيون، پر ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، چونڊيل نمائندا ووٽ وٺي گم آهن، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرائي ريليف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.