گهوٽڪي لڳ ڪار جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت

گهوٽڪي(ڊ_ر )گهوٽڪي ويجهو نيشنل هاءِ وي تي ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو۔خبرموجب  گهوٽڪي ڀرسان ڪاري گهٽ وٽ قومي شاهراه تي ڪار جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر  لڳڻ جي نتيجي ۾  هڪ ڄڻو اقبال احمد لنڊ موقعي تي فوت ٿي ويو۔ جڏهن ته  هڪ ڄڻو محمد سليمان ولد ميهر علي  لنڊ سخت زخمي ٿي پيو،فوتي جو لاش ۽ زخمي کي شهرين تعلقه اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو.جڏهن ته زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس سکر ريفر ڪيو ويو فوتي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو هي واقعو اورٽيڪنگ ڪرڻ سبب پيش آيو.ڪار ڊرائيور کي سرحد  پوليس پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.