چڪ ويجھو ٻارڙو درياهه جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت

لکي غلام شاھ (ت ر) چڪ ويجهو ڪچي واري علائقي ڳوٺ امام الدين مهر ۾ گهر اڳيان راند کيڏندي 9 سالن جو ٻارڙو قمرالدين  پٽ شبير احمد مهر دريائي پاڻيءَ ۾ ڪري پيو جنهن کي گڏ کيڏندڙ ٻارڙن ٻڏندل ڏسي دانهون ڪيون تي مقامي ڳوٺاڻن پهچي ٻارڙي کي پاڻي مان ڪڍي چڪ اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.