پيرڳوٺ ۾ گهر اندر سيلينڊر ڦاٽي پيو، 3 ڄڻا زخمي

پيرجوڳوٺ ( ن ع آ )  رات دير سان پيرجوڳوٺ جي ڌوڪي محلي ۾ ميونسپل ڪاميٽي پيرجوڳوٺ جي ملازم امير بخش ڌوڪي  جي گهر ۾ اوچتو گهر ۾ رکيل گئس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ڌماڪي سان گهر جي ڇت اڏامي وئي ۽گهر کي باهه وڪوڙي وئي گهر ۾ موجود گهر ڌڻي امير بخش ڌوڪي سندس نوجوان زال ۽ هڪ نينگر اويس احمد سڙي سخت زخمي ٿي پيا جن کي پهريان پيرجوڳوٺ بعد ۾ خيرپور ۽ گمبٽ جي اسپتالن منتقل ڪيو ويو آهي جن جي حالت انتهائي ڳڻتي واري ٻڌائي پئي وڃي . ٻڌايو پيو وڃي ته زخمين جو جسم 50 سيڪڙو سڙي ويو آهي .جڏهن ته پورهيت جو گهر ۽ سندس الهه تلهه سڙي ويو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.