خيرپور ۾ زال کي زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش، اسپتال ڇڏي فرار، جوابدار مڙس گرفتار

خيرپور  (ڊر) خيرپور ۾ شاهه لطيف پوليس  ٿاڻي جي حد ڳوٺ ربن راڄپر جي رهواسي سيد عطا حسين شاهه پنهنجي زال رضوانه کي مبينا طور زهر ڏئي کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي بعد ۾ بيهوشي جي حالت  ۾ کيس سول اسپتال خيرپور جي ايمرجسني وارڊ ۾ اڇلائي فرار ٿي ويو اطلاع تي متاثره نياڻي رضوانه جو پيءُ علي ياسر شاهه ماءُ ڪنيز بي بي ۽ ڀيڻ شازيه بي بي سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ ۾ دانهون ۽ ڪوڪون ڪندا پهتا جن اخبار وارن آڏو زال کي  مبينا طور زهر ڏيڻ جي الزام هيٺ آيل مڙس عطا حسين شاهه خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته عطاحسين شاهه پنهنجي پٽ نظار شاهه جيڪو کيس اڳلي زال مان آهي ۽ ڀاءُ ڀاڳيل شاهه سان گڏجي منهنجي ڌيءَ رضوانه کي رسن سان ٻڌي کيس زهر پيارڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا بيهوش ٿي وئي ۽ بعد ۾ کيس بيهوشي جي حالت ۾ کيس ايمرجنسي وارڊ ۾ اڇلائي فرار ٿي ويو  هن وڌيڪ  ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ کي عطاحسين شاهه مان هڪ سال جو معصوم علي رضا شاهه اولاد طور آهي ۽ ٻنهي ماءُ پٽن کي 24 ڪلاڪن ۾ هڪ دفعو ماني ڏيندو هو ۽ کيس سخت تشدد پڻ ڪندو هو هوڏانهن واقعي جو  ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي سخت نوٽيس وٺندي حد جي پوليس کي حڪم ڪيو  ته جوابدار کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو وڃي.  اهڙي حڪم کان پوءِ ايس ايس ايڇ او شاهه لطيف جوابدار عطاحسين کي گرفتار ڪري ورتو  جڏهن ته سندس پٽ نظار شاهه ۽ ڀاءُ ڀاڳيل شاهه فرار ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.