شهدادڪوٽ پوليس ڪارروائي، ڦر ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار

شھدادڪوٽ (ڊ ر) شھدادڪوٽ پوليس دعويٰ  ڪئي آهي ته ھڪ مھينو اڳ شھر جي آدماڻي ڦاٽڪ وٽان ھٿيار بندن ڦورن پاران رائيس  مل جي واپاري وزير سومرو کان 15 لک روپيا ڦر ڪري کيس گوليون ھڻي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويل پنجن جوابدارن مان ھڪ جوابدار نور حسين ڪلھوڙو کي گرفتار ڪيو آهي جنهن کان 5 لک روپيا پڻ مليا آهن، ڊي ايس پي يار محمد رند  ۽ ايس ايڇ او اختر ابڙو  ڊي ايس پي آفيس ۾ شھر جي  واپارين جي موجودگي ۾ متاثر واپاري کي 5 لک روپيا ڏيندي  پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ته واپاري  کان ٿيل 15 لک روپين واري وارڌات اسان لاء چئلينج بڻيل ھئي جنهن لاء ڏينهن رات ڪوششون ڪري ڏوھارين جو پتو لڳايو جنهن ۾ ھڪ ڏوھاري نور حسين ڪلھوڙو کي گرفتار ڪيو آهي، ٻيا جوابدار به  جلد گرفتار ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.