مدئجي ۾ بدامني، دڪاندار يرغمال، پئسا ڦر، پوليس ننڊ

مدئجي (ن ع آ) مدئجي جي اسٽيشن روڊ واري ڳتيل آبادي واري علائقي رياض شاهه سينٽر ۾ هندو واپاري روئيت ڪمار جي  دڪان تي 3   موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن حملو ڪري د ڪان تي ويٺل هندو واپاري کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي هزارين روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا،   اطلاع تي پوليس ڄاڻايل هنڌ پهچي دڪان جو معانئو ڪري ڦر بابت هندو واپاري کان تفصيل معلوم ڪري واپس رواني ٿي وئي، ان حوالي سان متاثر هندو واپاري روئيت ڪمار ٻڌايو ته موٽرسائيڪل سوار دڪان ۾ پيل 70 هزار روڪ ۽ ٻيو سامان ڦري فرار ٿي ويا آهن،  هن وس  وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري ڦريل رقم واپس ڪرائي وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.