خانپور ڀرسان ٻه روڊ حادثا، عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي

خانپور (ن ع آ) خانپور ٿاڻي جي حد انڊس هاء وي روڊ تي ٻن  موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ مسمات صغريٰ  ملڪ۔ مسمات صفوران ملڪ ۔ ساجد علي ملڪ  ۽ شوڪت علي شديد زخمي ٿي پيا آھن جڏهن ته ٻيو روڊ حادثو خانپور بس اسٽاپ ڀرسان لوڊر   رڪشا جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ظهور احمد مرهيٽو  زخمي ٿي پيو، خانپور پوليس زخمين کي اسپتال پهچايو،  ٻي طرف   پوليس رڪشا ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

دادو لڳ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ همراهه زخمي

دادو ( ن ع آ  ) دادو روڊحادثن ۾ 4ڄڻا زخمي ڊرائيورگرفتار، دادو انڊس ھاءِ وي  لڳ چودڳي اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽرڪ جو بيٺل ڪار کي زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ ٻانھون خان مغيري جي رھواسي 35 سالا خالد حسين  مغيري سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال دادو ۾ داخل ڪيو ويو آھي جڏھن ته ٽرڪ ڊرائيورکي فرار ٿيندي ڳوٺاڻن ٽرڪ ڊرائيور جو گھيرو ڪري کيس پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي.

جروار ۾ چور واپاري جو گهر ٻهاري ويا، پوليس ننڊ پيل

جروار )ن ع آ)  جروار جي ھندو محله ۾ چور راجيش ڪمار جو گھر ٻُھاري ويا ،جڏھن ته راجيش ڪمار  جي چوڻ مطابق چور گھر مان روڪ رقم ھڪ لک چاليھ ھزار روپيا ۽ ٻيا گھر جا قيمتي سامان به کڻي ويا آھن ان سلسلي ۾ متاثر نوجوان پاران جروار ٿاڻي تي نامعلوم چورن خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.