دادو لڳ ڇاپو، چار ڄڻا شراب ۽ چرس سميت سوگها

دادو ( ڊ ر ) دادو ۾  مختلف ٿاڻن جي  پوليس ايس ايس پي دادو جي حڪم تي  ڇاپا هنڻي 4 جوابدارن اسام ڪلهوڙو,رياض  حسين لغاري,۽ ٻين کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 6 شراب جو بوتلون ,هڪ سئو ويهه گرام چرس ۽ ڦر ٿيل گاڏيون هٿ ڪيون ويون آھن جڏهن ته رابطي ڪرڻ ايس ايس پي دادو فرخ رضا ملڪ چيو ته ڏوهارين جي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آھي ڏوهارين ڪيترا به خطرناڪ ڇو نه هجن کين گرفتار ڪري جيل موڪليو ويندو.

ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي: موسميات کاتو

اسلام آباد (اي پي پي)موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي. جڏهن ته خيبرپختونخوا، سنڌ ۽ مڪران جي ساحلي پٽي ۾ ڪجهه جاين تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي. سڀ کان وڌيڪ گرمي پد تربت ۾ 44، سبي 42 ۽ بهاولنگر ۾ 41 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي.

عوام جو تحفظ ۽ غربت جو خاتمو موجوده حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي: ڊاڪٽر ثانيه نشتر

ملتان (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته عوام جو تحفظ ۽ غربت جو خاتمو موجوده حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ اربين روپين جي ماليت جو احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام مستحق ماڻهن کي مالي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن علي ڳڙهه اسڪول ملتان ۾ قائم احساس ايمرجنسي ڪيش پوائنٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو،  ثانيه نشتر ٻڌايو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جو پهريون مرحلو 15 سيپٽمبر تي مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته اهي ماڻهو جيڪي ان پروگرام ۾ رجسٽرڊ ٿيڻ جي باجود بائيوميٽرڪ تصديق نه ٿيڻ سبب امداد جي رقم وصول نه ڪري سگهيا انهن کي لاڳاپيل بئنڪ برانچن کان 30 سيپٽمبر تائين رابطو ڪرڻ گهرجي ته جئين اهي پنهنجي رقم حاصل ڪري سگهن، هن ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو رجسٽريشن ڪرائڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري چڪو آهي ته ان جي وارثن کي ان جي فوتگي جو سرٽيفڪيٽ لاڳاپيل يونين ڪائونسل مان حاصل ڪري نادرا وٽ رجسٽر ڪرائڻ گهرجي ۽ پوءِ اها رجسٽريشن احساس پروگرام جي آفيس کي 30 سيپٽمبر تائين موڪلي وڃي، ان موقعي تي ثانيه نشتر احساس پروگرام مان مدد حاصل ڪندڙ مستحقن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان پڇيو ته ڇا سينٽر تي کيس ڪهڙيون ڪهڙيون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، مستحقين رقم جي ادائگي جي عمل تي اطمينان جو اظهار ڪيو، واضح رهي ته هيستائين ملتان ضلعي ۾ مختلف هنڌن تي 25 سينٽرز مان 82400 مستحقين ۾ 3.91 ارب روپيا ورهايا ويا آهن، جڏهن ته علي ڳڙهه اسڪول جي سينٽر مان ان پروگرام تحت 32 هزار مستحقين ۾ 39 ڪروڙ روپيا ورهايا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.