فريدآباد مان کنڀيل امتياز ۽ رياض خاصخيلي آزاد نه ٿيا، حيدرآباد ۾احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) فريد آباد مان کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن امتياز خاصخيلي ۽ رياض خاصخيلي جي آزادي لاءِ سندن خاندان پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون بک هڙتالي ڪيمپ قائم رکي وئي. ان موقعي تي امتياز ۽ رياض جي امڙ شرما خاتون دانهيندي چيو ته امتياز ۽ رياض کي نقاب پوش ماڻهو ڪيترو ئي وقت اڳ کنڀي کڻي ويا هئا، انهن جو هينئر تائين ڪو به ڏس پتو ناهي مليو. هن چيو ته امتياز کي 20 جون جي ڏينهن شورا ڳوٺ ڄامشورو مان ۽ رياض کي 11 جولاءِ جي ڏينهن فريد آباد واري ڳوٺ الله ڏنو تيوڻو مان کنيو ويو هو، اهي هينئر تائين گم آهن. هن چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس پٽ بيگناهه آهن، جلد ئي کين آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي.17

گهوٽڪي لڳ کنڀيل ڏاڏي پوٽي جو پتو نه پيو، احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي لڳ قادرپور پوليس هٿان کنڀجي ويل ڏاڏي پوٽي جو پتو نه پيو وارثن جو احتجاج , ڳوٺ در محمد چاچڙ  واسي 70 ورهين جي پيرسن نور محمد چاچڙ ۽ سندس پوٽو عرض محمد کي پوليس ناحق کنڀي ٽن ڏينھن کان گم ڪري ڇڏيو آھي جڏهن عدالت ۾ پيشي تان واپسي بعد ٻنهي ڄڻن کي پوليس گم ڪري ڇڏيو،آھي جڏهن ته وارثن خير محمد چاچڙ ننڊن ٻارن سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته پوليس بغير ڪنهن ڪيس جي والد ۽ پٽ کي گم ڪيو آهي، حياتي کي خطرو آهي. هن ٻڌايو ته ڊي ايس پي گهوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ برادري سان لاڳاپيل حافظ محمد احمد چاچڙ جي چوڻ تي منهنجي والد ۽ پٽ کي ناحق کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته ون ٽو فائيو موٽرسائڪل سمت پوليس گم ڪيو آھي پر پوليس گرفتار مڃڻ لاء تيار ناهي هن چيو ت بااثر حافظ احمد محمد اسان جي چاچي کي قتل ڪيو هو  ان نيبرو به ڪيو ويو هو پر ان باوجود ڏنڊ جي رقم به نه پيو ڏي ۽ اسان ٻه ڄڻا پوليس هٿان گم ڪرايا اٿس هنن ايس ايس پي گهوٽڪي سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو نوٽيس  وٺي کنڀي گم ڪيلن ٻن ڄڻن کي آزاد ڪيو وڃي .

ڪنب پوليس نوجوان  گم ڪري ڇڏيو، ماءُ جو احتجاج

ڪنب ( ن ع آ ) ڪنب لڳ ڳوٺ واريتڙ جي رهواسين وقارحسين، مدا حسين گوپانگ، مسمات سومران ۽ ٻين ڪنب پوليس پاران  نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ  خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ڪنب پوليس اسان جي  نوجوان رضا حسين گوپانگ کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي، پوليس ان جي باري ۾ اسان کي  ڪجھه به نه ٿي ٻڌائي،ان موقعي تي مبينه کنڀي گم ڪيل نوجوان جي امڙ مسمات سومران گوپانگ احتجاج ڪندي چيو ته منهجي پٽ کي ڪنب پوليس کنڀي وئي آھي اسان کي خدشو آھي ته منهنجي پٽ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو نه وڃي، هنن چيو ته اگر اسان جي نوجوان تي ڪيس وغيره ٿيل آھي ته سندس گرفتاري ظاهر ڪئي وڃي،  هنن ايس ايس پي خيرپور کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو۔ٻي طرف ڪنب پوليس رابطي تي ٻڌايو ته نوجوان کي ڪنب پوليس گرفتار ناهي ڪيو.

لاڙڪاڻي جا گم ڪيل نه موٽيا، وارثن جا پيارن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيل نوجوانن انصاف دايو، مرتضيٰ سولنگي، ڪاشف علي ٽڳڙ، غلام عمر مغيري جي آزاديءَ لاءِ سندن وارثن طرفان پريس ڪلب  اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بئنر هٿن ۾ کڻي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اقصيٰ دايو، افسانه دايو، عبداللطيف سولنگي، عبدالڪريم ٽڳڙ، نظر محمد مغيري ۽ ٻين چيو ته انصاف دايو کي نظر پاڙي مان ٽي سال چار مهينا اڳ 29 مئي 2017 تي درزڪي دڪان تان بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو هو جيڪو هن وقت تائين آزاد نه ٿي سگهيو آهي سندس امڙ جي طبيعت تمام گهڻي خراب آهي ۽ هوءَ دل جي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي آهي جڏهن ته انصاف دايو درزڪو ڪم ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو هو جنهن جي گمشدگي کان پوءِ گهر ڀاتي فاڪا ڪشي جو شڪار آهن. هنن چيو ته مراد واهڻ پاڙي مان ڳوٺ وڏا ڦل واسي غلام مرتضيٰ سولنگي کي 22 نومبر 2017ع تي کنڀي گم ڪيو ويو جنهن جو هن وقت تائين ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي، مرتضيٰ سولنگي اسٽيٽ لائيف ۾ ڪم ڪري گهر ڀاتين جي ڪفالت ڪندو هو جنهن جي امڙ صدمي سبب روئي روئي اکين جي نور کان محروم ٿي وئي آهي جڏهن ته 3 آگسٽ 2018ع تي ايوب ڪالوني مان پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو جنهن کي ٻه سال هڪ مهينو 10 ڏينهن ٿي ويا آهن پر هو گهر واپس نه اچي سگهيو آهي جنهن جون ٻه معصوم نياڻيون جويريه ۽ ڪشف پيءُ کي ياد ڪري روئينديون رهن ٿيون جڏهن ته ڪاشف علي جي امڙ هن وقت بيماري جي بستري تي پيل آهي.هنن چيو ته 26 نومبر 2019ع تي خالق ڪالوني مان پورهيت نوجوان غلام عمر مغيري کي جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو هو جنهن کي 10 مهينا گذرڻ جي باوجود ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي، هو مزدوري ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو هو. هنن وزيراعظم، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

لاڙڪاڻي ۾ شاگرد گم، وارث پريشان

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي ايريگيشن ڪالوني واسي مئٽرڪ ڪلاس جو شاگرد نديم پٽ نظير شاهاڻي گذريل چئن ينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، شاگرد جي گم ٿيڻ کانپوءِ وارثن ۾ بيچيني ڇائنجي وئي آهي. ان سلسلي ۾ پراسرار نموني گم ٿي ويل شاگرد جي ڀاءُ ممتاز شاهاڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل 4 ڏينهن اڳ ننڍو ڀاءُ نديم رات جو گهران نڪرڻ کانپوءِ واپس ناهي آيو جنهن جو هن وقت تائين ڪوبه ڏس پتو نه آهي، ڀاءُ جي مختلف هنڌن توڙي مائٽن وٽ ڳولها ڪئي آهي ۽ حد جي سول لائين ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي آهي پر ان جي باوجود ڀاءُ جو پتو ناهي پيو، ڀاءُ جي گم ٿيڻ کانپوءِ اسان سخت پريشان آهيون، هن ضلعي انتظاميه ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته خداران نوٽيس وٺي ڀاءُ جي ڳولها ۾ مدد ڪئي وڃي.

ڳاڙهي موري ۾ هندو ناري جي اغوا جي مذمت ڪيون ٿا:هندو پنچائپ روهڙي جو اڳواڻ

سکر (رپورٽر ) روهڙي هندو پنچائت جي مکي وڪي ڪمار  پنهنجي پنچائت جي ميمبرن سان گڏ گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته ڳاڙهي  موري ۾ نابالغ هندوناري کي زبردستي اغوا ڪرڻ بعد مذهب تبديل ڪرائڻ واري عمل جي اسين سخت ڪريون ٿا سنڌ ۾ اهڙن واقعن ۾ واڌ سبب پوري سنڌ جي هندو برادري ۾ سخت تاء پکڙيل آهي جنھن لاءِ سخت قانوني سازي جي ضرورت آهي پر حڪومتي سطح تي موثر قانونسازي نه ٿيڻ جي ڪري اهڙي قسم جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي.  هنن چيو ته اسين ڪراچي ۾ پنجن سالن جي معصوم نياڻي کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي تشدد ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش واري واقعي جي سخت لفظن ۾مذمت ڪيون ٿا اهڙي قسم جا واقعا اسان جي معاشري جي لاءِ ناسور بڻيل آهن اهڙن واقعن ۾ملوث وحشت صفت جوابدار کي وائکو ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.  هنن چيو ته تازو بخشاپور ۾ هندو دوڪاندارن کي مذهب جي آڙ ۾ ڪجهه شرپسند طرفان ڌمڪيون ڏنيون ويون جنهن واقعي کانپوءِ پوري سنڌ جي هندو برادري ۾ سخت پريشانين واري لهر ڇانيل آهي هنن چيو ته اسين هندو برادري پاڪستان ۾ سنڌ جي ترقي خوشحالي توڙي معيشت جي بهتري لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ۾ رڌل آهيون جيڪا ڳالهه ڪجه شرپسند کان ھضم نه پئي ٿئي جيڪي اهڙي قسم جون حرڪتون ڪري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.