فريد آباد ۾ بدامني، ڦرون روز جو معمول، ايس يو پي جو احتجاج

فريدآباد ( ن ع آ )  فريدآباد ۾ بدامني کي ٻنجو ڏيو ايس يو پي ضلعي دادو جي صدر سڪندر سوڍر، سنيئر نائب صدر حاجي خان مارفاڻي، جنرل سيڪريٽري عبدالحميد سومرو، عبدالحميد کوسو، مير حسن مارفاڻي  عبدالغني ڇٽو سندس حمايت ۾ اي جي پي اڳواڻ سينگار چانڊيو،  عبدالوحيد چانڊيو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪار اسٽاپ کان احتجاجي مظاهرو ڪري سٽي گيٽ وٽ ڌرڻو ھنيو، ھنن چيو ته فريدآبادٿاڻي جي حد ۾ چورين ۽ ڦرن جو آزار وڌي ويو آهي، واپاري دڪاندار ۽ عام شھري غير محفوظ بڻيل آهن، پوليس فريدآباد  روڊ سان چوڪس ناھي جنهن ڪري ڦرن جي وارداتن ۾ اضافو ٿيو آهي، ھنن چيو ته فريدآباد  شھر مان سرعام ڏينهن ڏٺي جوصالح  بروھي جي نامعلوم چاٻي چور موٽر سائيڪل ڪاھي ويا جيڪا واپس ناھي ٿي، ھڪ ڏينهن اڳ سانول ڪرٽيا موڙ وٽ پ پ اڳواڻ امتياز سولنگي کان موٽر سائيڪل روڪ رقم ۽ ٽچ موبائيل ڦر ڪري ويا، ھنن چيو ته سرعام ڏينهن جوڦر جون وارداتون ٿي رھيون آهن پر فريدآباد  پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نٿي ڪري، ھنن چيوته  فريدآباد  ٿاڻي کي اي ايس آءِ ھلائي رھيو آهي، ھنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ رضاملڪ کان گھر ڪئي ته فريدآباد  ٿاڻي جي حد ۾ بدامني تي ڪنٽرول ڪيو وڃي پوليس پڪٽون بحال ڪيون وڃن ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون واپس ڪرايون وڃن..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.