حيدرآباد ۾پوليس مخبرن، بليڪ ميلرن ۽ کدڙن جو گڏيل ڏوهاري گروهه هجڻ جو انڪشاف

حيدرآباد(رپورٽ: اشوڪ راماڻي) حيدرآباد ۾ پوليس, مخبرن, بليڪ ميلرن ۽ کدڙن جو گڏيل ڏوهاري گروهه هجڻ جو انڪشاف, مڊل ڪلاس جي شريف شهرين کي بليڪ ميل ڪري لکين رپيا ڦرلٽ ڪرڻ جو  گورک ڌنڌو هلندڙ, گروهه هڪ هندو خاندان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو, ٿاڻن تي ڪوڙيون چوري جون درخواستون ڪري لکين رپيا رقم طلب, پوليس جو هندو نوجوان تي ٿاڻي اندر تشدد. تفصيل موجب حيدرآباد ۾ ڪرپٽ پوليس اهلڪارن, مخبرن, بليڪ ميلرن ۽ کدڙن جو هڪ منظم ڏوهاري گروهه جو نيٽ ورڪ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جيڪي پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري مڊل ڪلاس جي شريف شهرين خاص ڪري عورتن ۽ هندو خاندانن خلاف ٿاڻن تي چوري جون ڪوڙيون درخواستون داخل ڪري انهن کان لکين رپيا رقم ڦرلٽ ڪري حراسان ڪرڻ جو معاملو سامهون اچي ويو آهي. حيدرآباد جو مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ اهڙو ڏوهاري گروهه جو نيٽورڪ سرگرم ٿي ويو آهي.. جيڪو کدڙن جي هڪ گرو کدڙي ۽ بليڪ ميلرن هٿان ٿاڻي تي شهرين خلاف چوري ٿيڻ جون درخواستون ڪرائي ٿو. جڏهن ته پوليس اهلڪار پنهنجن مخبرن ذريعي انهن شهرين کي رات جي وقت کنڀي کڻي ٿاڻي اندر تشدد جو نشانو بڻائي هيسائي رقم ڏيڻ جو گورک ڌنڌو شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڏوهاري گروهه سان مليل هڪ کدڙي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد سلاوٽ پاڙي ۾ رهندڙ شهرين سميت هڪ هندو خاندان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. کدڙي ڪجهه وقت اڳ بليڪ ميل ڪرڻ لاء هندو خاندان مٿان پئسا چوري ڪرڻ جو الزام هڻي مارڪيٽ ٿاڻي تي درخواست داخل ڪرائي. جنهن بعد پوليس ۽ کدڙي هندو خاندان کان 50 هزار رقم وٺي درخواست ختم ڪئي. جنهن بعد ٻيهر تازو کدڙي ساڳئي ٿاڻي ان ئي هندو خاندان خلاف پئسا چوري ڪرڻ جي الزام جي درخواست داخل ڪرائي 10 لک رقم طلب ڪري رهيو آهي. جيڪا نه ڏيڻ تي پوليس به متاثر هندو خاندان کي دٻاء ۾ آڻيندي جيئن جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. متاثر خاندان تحفظ لاء عدالت ۾ وڃڻ تي پوليس نوجوان سميت ميگهواڙ کي 2 ڏينهن اڳ مارڪيٽ ٿاڻي جي حد مان هوٽل تان هڪ دوست سان گڏ کنڀي ٿاڻي تي کڻي سخت تشدد جو نشانو بڻائي موبائل فون ڦر ڪرڻ جو ڏوهه باسرائڻ جي ڪوشش ڪئي. متاثر نوجوان پاران بي گناهه هجڻ جون دانهون ڪرڻ بعد علائقي جي هڪ پ پ اڳواڻ طرفان مداخلت تي ان کي آزاد ڪيو ويو پر ان جي باوجود پوليس ۽ ڏوهاري گروهه لڳاتار هندو عورت شنڪتلا ميگهواڙ ۽ ان جي پٽ انٽر جي شاگرد سميت ميگهواڙ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ جيل موڪلڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.

کدڙي بليڪ ميلرن سان گڏ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: شڪنتلا ميگهواڙ

حيدرآباد: ان سلسلي ۾ هندو خاندان جي متاثر عورت شريمتي شڪنتلا ميگهواڙ ٻڌايو ته اشرف سنيا نالي کدڙي پوليس جي مخبرن ۽  ٻين بليڪ ميلرن جي هڪ ڏوهاري گروهه سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪجهه وقت اڳ به انهن پئسا چوري ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري سندس پٽ سميت ۽ ٻين کي جيل موڪلي ڇڏيو. جنهن بعد ڳري هزار رقم وٺي ڪيس واپس ورتو. هاڻ وري انهي گروهه سندن مٿان ساڳيو پئسا چوري ڪرڻ جو الزام هڻي 10 لک رقم طلب ڪن پيا. جڏهن ته 2 ڏينهن اڳ سندس پٽ انٽر جي شاگرد سميت ميگهواڙ کي مارڪيٽ پوليس زبردستي کنڀي ٿاڻي کڻي وئي. مٿس ڪوڙو الزام هنيو ويو ته ان موبائل ڦر ڪئي آهي.سندس پٽ ان جي دوست کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو. جنهن بعد علائقي جي هڪ پ پ اڳواڻ جي مداخلت تي پٽ کي آزاد ته ڪيو ويو آهي پر کين پئسا ڏيڻ لاء حراسان ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هو تحفظ لاء عدالت به ويا آهن ۽ عدالتي حڪم باوجود مارڪيٽ پوليس تحفظ فراهم ڪرڻ بدران کين مسلسل حراسان ڪري پئي. هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه, آء جي سنڌ, ايڊيشنل آء جي حيدرآباد ڊاڪٽر جميل, ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊيو کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

ڏوهاري ٽولي مان کين جان جو خطرو آهي: متاثر نوجوان

حيدرآباد: متاثر نوجوان سميت ميگهواڙ پڻ ميديا سان ڳالهائيندي چيو ته کدڙي اشرف سنيا پوليس جي مخبرن ۽ ٻين بليڪ ميلرن  جي ڏوهاري ٽولي مان کين جان جو خطرو آهي. پوليس به کيس ناحق پهريان ڪوڙي ڪيس ۾ جيل موڪليو ۽ هاڻ وري 10 لک ڏيڻ جو مطالبو ڪن پيا. نج ڏيڻ تي کيس موبائل فون ڦر ڪرڻ جو ڪوڙو الزام هڻي ٿاڻي تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته   معاملي جو نوٽيس وٺي کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.