ٽنڊي آدم ۾احتجاج تي فائرنگ ڪري قتل ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

ٽنڊوآدم ( ت ر ) ٽنڊوآدم لڳ مظاهري ۾ فائرنگ سبب مارجي ويل نوجوان علي اڪبر خاصخيلي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لڳل ڌرڻو 13 لاڪن بعد ڄام مدد علي جي خاطرين تي ختم لاش پوسٽ مارٽرم  بعد وارثن حوالي رپورٽ موجب  ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ تارا باغ وٽ هفتو اڳ خاصخيلي برادري پاران منشيات فروشن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪيل مظاهري تي ٿيل فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان علي اڪبر خاصخيلي جي وارثن ۽ خاصخيلي برادري پاران سردار راجا خان خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ باب شاهنواز جوڻيجو وٽ لاش رکي لڳل ڌرڻو جيڪو مسلسل 13 ڪلاڪن بعد پ پ ايم پي اي ڄام مددعلي رات دير سان پهچي ڌرڻي جي اڳواڻن ۽ خاصخيلي برادريءَ جي سردار راجا خان خاصخيليءَ کي انصاف جي خاطري ڪرائڻ بعد ختم ڪرائي ڇڏيو.  ان کان اڳ ۾ ٽنڊوآدم سٽي پوليس ، بي سيڪشن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ ڊي ايس پي شهدادپور عطا محمد ڏاهري جي منٿن ۽ ايلازن باوجود ڌرڻو ختم نه ڪيو ۽ کين کتو جواب ڏئي روانو ڪيو ان بعد ايس ايس پي سانگهڙ عثمان غني صديقي جي درخواست تي پ پ  ايم پي اي ڄام مددعلي پهچي ڌرڻو ختم ڪرايو ان سلسلي ۾ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ راجا خان خاصخيلي، غلام قادر خاصخيلي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان سان ڄام مدد علي واعدو ڪيو آهي ته ٽن ڏينهن اندر ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار سميت ٻيا جوابدار گرفتار ڪري ملوث پوليس عملدارن خلاف انڪوائري ڪنداسين ته ڪنهن جي غفلت سبب اهو واقعو پيش آيو آهي ۽ پوليس عملدارن جوابدارن جي ڪهڙي سپورٽ ڪئي هنن چيو ته جيڪڏهن انصاف نه ٿيو ته ٻيهر احتجاج ڪنداسين بعد ۾ مقتول جي مڙھ کي وارثن تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم آندو جتان پوسٽ مارٽرم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جنهن کي  اباڻي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو مقتول علي اڪبر گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو ۽ کيس ٽن ٻارڙن جو اولاد به آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.