”ٿورو پاڻي اچڻ تي ٻوڏ جون دانهون ڪرڻ درست ناهي“

ايڊيٽوريل

پاڻي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته درياهن کي به جيئڻ جو حق آهي ۽ درياهه تڏهن جيئندا آهن جڏهن انهن کي سمنڊ تائين ڇوڙ ڪرڻ جو رستو ڏنو ويندو ۽ ان جي ڪا رستا روڪ نه ڪئي ويندي. فطري وهڪرن کي بند ڪرڻ سان مسئلا ٿيندا آهن جيڪو پڻ فطري رد عمل آهي. درياهه جي زمين تي قبضا ڪري گهر ٺاهڻ ۽ آباديون اڏڻ کانپوءِ چيو وڃي ته ٻوڏ اچي وئي آهي ته اهو غير مناسب رويو آهي.

عوامي آواز جي حيدرآباد جي رپورٽر پاڻي جي ماهرن کان جڏهن بظاهر ٻوڏ واري صورتحال تي سندن ماهراڻي راءِ ورتي ته انهن درياهه ۾ پاڻي جي چاڙهه تي سرهائي جو اظهار ڪيو آهي. ان رپورٽ موجب پاڻي جي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس جو چوڻ آهي ته پاڻي جي فطري نظام سان هٿ چراند ڪري ڊيلٽا ۽ سنڌو درياهه کي تباهه ڪيو ويو آهي. ڪڏهن پاڻي کي روڪڻ ته وري پاڻي کي ڇڏڻ واري تجربي نه رڳو هتان جي زمين کي نقصان ڏنو آهي پر فطرت جي سموري عمل ۾ رنڊڪ وڌي آهي. هن چيو ته درياهه جي زندگي پاڻي سان جڙيل آهي ۽ درياهه انسان جي جياپي جو واحد زريعو آهي. پر انگريزن بئراجن ذريعي پاڻي کي روڪيو ۽ ڊيمن ذريعي پاڻي کي روڪڻ جون ڪوششون اڃان جاري آهن. ڊيلٽا رڳو پاڻي ڇڏڻ سان بچي نه سگهندو پر ڊيلٽا کي پاڻي سان گڏ سلٽ ۽ چيڪي مٽي به گهرجي. ڊيلٽا ۽ زمين کي بچاڻ لاءِ 180 ميلن ايڪڙ فٽ پاڻي ڊيلٽا تائين وڃڻ گهرجي. درياهه کي سنڌ طاس معاهدي کان وٺي اڄ تائين جي سمورن پراجيڪٽن تباهه ڪيو آهي. هن چيو ته ڪنهن زماني ۾ هر سال ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ  200 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ايندو هو پر هاڻي سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي کي ضيان سمجهيو ٿو وڃي. پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه ۾ 4 کان 5 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. هن چيو ته درياهه ۾ چاڙهه اچي ته سٺي ڳالهه آهي.

پاڻي جي ماهرن جو اهو موقف هتي پيش ڪرڻ جو مقصد تصوير جو ٻيو ۽ حقيقي رخ ڏيکارڻ آهي جنهن جا اسين قائل به آهيون. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ کي هاڻي برساتن ۽ ٻوڏ جي شڪل ۾ ئي پاڻي ملي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته اسانجي وفاقي حڪومت ته سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي کي ضيان سمجهندي رهي آهي۽ ان ڪري درياهه کي ڊيمن ۾ قيد ڪرڻ جي پاليسين تي عمل ڪندي رهي آهي جنهن سا حقيقت ۾ ڏسجي ته خود سنڌو درياهه جو قتل آهي پر ميڊيا تي اها لاڳيتي پروپيئگنڊا ڪئي ويندي آهي ته درياهه سنڌ جي سمنڊ ۾ وڃي ڪري ضايع ٿي رهيو آهي ۽ ان کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڊيم اڏڻ اڻٽر آهي. اهو موقف ۽ اها پاليسي بلڪل غلط ۽ مذمت جوڳي آهي جيئن مٿي پاڻي جي ماهرن به ٻڌايو آهي ته درياهه جي زندگي ان جي وهڻ ۾ ۽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ سان آهي. ٻيو ته اهي خبرون به غير حقيقي آهن ته ڪو درياهه جو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ڪو ضايع ٿي رهيو آهي. حقيقت ته اها آهي ته سمنڊ ۾ پاڻي وڃي ئي نٿو . جنهن نتيجي ۾ ويتر سمنڊ، درياهه جو دٻاءُ نه هجڻ ڪري اڳتي وڌي سنڌ جي 22 لک آباد زمينن کي غير آباد ڪري رهيو آهي. سنڌ جي ڊيلٽا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 150 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وهائڻ گهرجي پر ان جي ڀيٽ ۾ ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ 3 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مس وهي رهيو آهي. جڏهن ته 1990 واري پاڻي جي معاهدي تحت گهٽ ۾ گهٽ 10 ايم اي ايف پاڻي وهڻ گهرجي.

گهربل پاڻي نه ملڻ سبب سن هميشه سوڪهڙي جو شڪار رهي آهي پر هاڻي جڏهن سنڌ جي سرحد ۾ ٿورو پاڻي داخل ٿيو آهي ته ٻوڏ جي واويلا  مچائي پئي وڃي ته اهو پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي جڏهن ته سنڌ جون زمينون ۽ سنڌ جا ماڻهو ان تي بيحد سرهائي جو اظهار ڪري رهيا آهن. رپورٽون آهن ته درياهه ۾ پاڻي اچڻ کانپوءِ درياهه جي ڪنڌين تي آباد شهرن ۽ علائقن جون رونقون بحال ٿيڻ لڳيون آهن. درياهه ۾ پاڻي اچڻ جي ڪري ناپيد ٿيندڙ پلو به پيدا ٿي ويو آهي. تنهن ڪري درياهه ۾ پاڻي جي چاڙهه تي ارهي ٿيڻ جو ڪنهن به قسم جو ڪو جواز ناهي اڃا به سنڌ جو ماڻهو سنڌو درياهه کي پاڻي سان تار ٿيندو جهومندي ڇوليون هڻندي گجگوڙ سان وهندي ڏسي گد گد ئي ٿي رهيو آهي.

اسان جو خيال آهي ته سنڌو درياهه جي معاملي تي وفاقي حڪومت کي ڪنهن به قسم جي سياست ۽ تعصب کان مٿانهون ٿي ٽيڪنيڪل بنيادن تي ان معاملي کي ڏسي پر ان نيت سان ان معاملي کي نه ڏسي جيئن پرويز مشرف جي دور ۾ پنجاب جي پاڻي ماهرن اها صلاح ڏني هئي ته سنڌو درياهه تي ”درياهه پاڪستان“ جو نالو رکيو وڃي ڇاڪاڻ ته ”درياه سنڌ“ واري نالي سان اهو تاثر ملي رهيو آهي ڄڻ هي درياهه سنڌ جو آهي. اهو رويو سئو سيڪڙو تعصباڻو آهي. جڏهن ته درياهن جا به قانون ٿيندا آهن ۽ انهن قانونن ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪنهن به درياهه تي آخري حق ان جي پوڇڙ واري علائقي جو هوندو آهي. سنڌو درياهه وارو سڄو علائقو جتان درياهه وهي ٿو سو اصولي طور تي سنڌ آهي ۽ تاريخ جي به ريڪارڊ تي اها حقيقت درج ٿيل آهي. سو تاريخ ۽ فطرت سان هٿچراند نه ڪرڻ گهرجي نه ئي ان کي تعصب جي نظر سان ڏسڻ گهرجي. درياهن کي بلڪل به جيئڻ جو حق آهي، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو حق آهي ۽ اڄ جيڪڏهن درياهه جو سمنڊ سان ميلاپ ٿئي ٿو ته اهو شادماني جو موقعو سمجهڻ گهرجي ۽ ان تي سڀني کي خوش ٿيڻ گهرجي، درياهه ۾ پاڻي جي واڌ تي ٻوڏ وارو ماتم ڪرڻ بدران خوشي جو اظهار ڪرڻ گهرجي، پاڻي جا ماهر به اهو ئي چون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.