لاهور موٽر وي تي ٿيل عورت جي تذليل ۽ پنجاب پوليس !

مسرور سيال

هونئن ته اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي انساني تذليل جا واقعا رڪارڊ ٿيندا رهيا آهن ۽ ان ۾ حڪومت جا موقف توڙي انتظاميه جا رويا به ڏسڻ وٽا رهيان آهن ته وري قانون جون مهربانيون به واضع آهن اهڙي نموني ڏوهن کي به ٻيائي واري انداز ۾ ڏٺو وڃي ٿو، ڏوھه جيڪڏهن سنڌ ۾ ٿئي ته پوري پي ٽي آءِ ۽ انهن جا سمورا ڳالهائيندڙ سامهون اچي وڃن ٿا ۽ سنڌ حڪومت کي نااهل قرار ڏيڻ ۽ ڏوھه جي مڪمل ذميوار ڄاڻائي استعيفيٰ جو مطالبو ڪن ٿا ۽ وري گورنر راڄ لڳائڻ جي ڳالھه کان ويندي وفاق کي مداخلت ڪرڻ جون تجويزون پيش ڪن ٿا، جيڪڏهن ڏوھه پنجاب ۾ يا خيبر پختونخوا ۾ ٿئي ٿو ته ساڳيا ئي سنڌ حڪومت خلاف ڳالهائيندڙ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا حڪومتن ۽ اتان جي انتظاميا جي دفاع ۾ لهي پون ٿا حمايت ۾ ڳالهائيندي نظر اچن ٿا يا ته وري اهڙي خاموشي اختيار ڪن ٿا ڄڻ ڪو واقعو ٿيو ئي نه هجي .

اهڙن واقعن ۾ لاهور موٽر وي تي ٽول پلازا کان چند ڪلوميٽرن جي فاصلي تي جيڪو 10 منٽن ۾ طئي ٿئي ٿو گجراپوره وٽ هڪ عورت پنهنجن معصوم ٻارڙن سان گڏ سفر ڪري ٿي ۽ گاڏي جو پئٽرول ختم ٿي وڃي ٿو ان جي گاڏي بيهي رهي ٿي هُوءَ پريشاني واري حالت ۾ ڪنهن مدد جي منتظر هجي ٿي پنهنجي عزيزن کي به فون ڪري ٿي ته اوچتو ڪجھه ڏوهاري اچن ٿا ۽ گاڏي جا شيشا ڀڃي عورت ۽ سندس ٻارڙن کي گاڏي مان زبردستي ٻاهر ڪڍي موٽر وي کان هيٺ اڙانگي واٽ سان وٺي کين ڪچي سڙڪ تي آڻين ٿا ۽ وري سامهون ٻيلي نما گھاٽن وڻن ڏانهن وٺي اچي اُتي معصوم ٻارڙن اڳيان سندن امڙ سان جنسي ڏاڍائي ڪن ٿا، مزاحمت ڪرڻ تي مٿن تشدد ڪيو وڃي ٿو ! هي واقعو رات جو 12 وڳي پيش اچي ٿو، عورت کي سندس ويجھي عزيز جيڪو کائنس وڏي مفاصلي تي هو اُهو 3 وڳي پهچي ٿو ۽ کيس ڪچي رستي تي شرمائيندڙ حالت ۾ پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ٿو ۽ انتظاميا کي اطلاع ڏنو وڃي ٿو، پوليس ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته پوليس صبح ساڍي 4 وڳي جاءِ وارادت تي پهتي پر! ان کان پوءِ پوليس بار بار موقف تبديل ٿيندي نظر آيا آهن ۽ ٽي چار ڏينهن گذرڻ باوجود ڏوهاري گرفتار نه ٿي سگھيا آهن.

واقعو بروقت ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ پنجاب حڪومت ۽ پنجاب پوليس کان سوال ٿيڻ لڳا جنهن جا جواب عجيب وغريب ملڻ لڳا لاهور جو سي سي پي او عمرشيخ جيڪو وزيرِآعظم عمران خان جو دادلو چيو وڃي ٿو جنهن جي ڪري آءِ جي پنجاب کي به هٽايو ويو هو، ان پنهنجي غير ذميواريءَ جو اعتراف ڪرڻ بجاءِ متاثر ۽ زيادتيءَ جو نشانو بڻيل عورت تي سوال ڪيا ته هن کي 12 وڳي وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي هي پاڪستان آهي فرانس ناهي ، پئٽرول ختم ٿيڻ جي کيس اڳواٽ خبر هجڻ گھرجي ها ، هن رستي سان وڃڻ بجاءِ ٻئي رستي سان وڃي ها جھڙن سندس هن غير ذميواراڻي بيان تي وري وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته سي سي پي او لاهور عمرشيخ غير ذميواراڻو بيان ڏنو آهي پر غير قانوني نه! تنهن ڪري مٿس قانوني ڪاروائي جو ڪوبه جواز نٿو ٺهي .

پنجاب حڪومت جي ترجمان فياض الحسن چوهاڻ جو چوڻ آهي ته واقعو ٿي ويو ان کانپوءِ پنجاب حڪومت ۽ پوليس جي تعريف ٿيڻ گھرجي اسان واقعي جي اصل حقيقت تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ، مون وٽ واقعي بابت اهم راز موجود آهن پر ميڊيا تي بيان نه ڪندس . اهڙي نموني هر وزير جو پنهنجو بيان سامهون اچي رهيو آهي ڪير به اِهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته هي انتظاميا جي نااهلي ۽ غير ذميواري جو ثبوت آهي . هن مامري تي ٿيڻ ته ائين گھرجي ها جو مديني جهڙي فلاحي رياست جي ڳالھه ڪندڙ ۽ هر وقت هٿ ۾ جديد تسبح کڻي ڦيرائيندڙ نئين پاڪستان جو وزيرِآعظم عمران خان فوري نوٽس وٺن ها ۽ سي سي پي اولاهور عمر شيخ خلاف قانوني ڪارروائي ڪن ها، عثمان بوزدار جي پنجاب حڪومت کان سخت پڇاڻو ڪن ها پر! اُهو ان ڪري ممڪن ناهي ته پنجاب ۾ سندن ئي حڪومت آهي باقي سنڌ ۾ هر ننڍي وارادات به کين نظر اچي وڃي ٿي ۽ ان تي فوري ردِ عمل ظاهر ڪندي بيان به ڏين ٿا ته سنڌ ۾ وڏو ظلم آهي جو اسان جي حڪومت ناهي ! هاڻ کائنس سوال ڪجي ته وزيرِآعظم صاحب پنجاب ۾ ته اوهان جي حڪومت آهي جتي ٻن سالن۾ اوهان 5 آءِ جي تبديل ڪري چڪا آهيو اوهان ته پنجاب پوليس ۾ سڌارا آڻڻ پئي گھريا ۽ جن آفيسرن کي پنهنجي ٽيم جو حصو قرار ڏئي لڳايو هو انهن کي ئي ترت ۽ بار بار اوهان ئي هٽائيندا پيا اچو اهڙي طريقي پنجاب جي پوليس سڌري وئي جو پنجاب ۾ ٻارڙن ۽ عورتن سان ڏاڍاين جا رڪارڊ ڏوھه ٿيا آهن .

موٽر وي جو 6 مهينا اڳ افتتاح به ٿي ويو ٽريفڪ لاءِ کليو به ٽول ٽيڪس به وصول ڪيو پيو وڃي پر ان تي سهولتون ميسر ناهن نه ئي مسافرن جي توڙي هتان جي مقامي ماڻهن جي اچ وڃ دوران ڪي حفاظتي انتظام ٿيل آهن موٽروي پوليس مقرر ناهي ؟ جڏهن اهڙا سوال موٽر وي پوليس کان ڪجن ٿا ته هُو چون ٿا اسان جي حوالي اڃا نه ڪيو ويو آهي ! تعجب آهي روڊ ٽرئفڪ لاءِ کوليو ويو ٽول به ادا ڪيو وڃي ٿو پر موٽر وي پوليس مقرر نه ڪئي وئي آهي نه وري پنجاب پوليس مقرر ٿيل آهي باقي ٽول ٽيڪس لاءِ ٽول پلازا آهن انهن تي ملازم مقرر آهن .

اصل ۾ پنجاب پوليس جنهن کي عمران خان سڌارڻ جا نقشا ٺاهيا هئا اُهي نقشا هاڻ تبديل نظر ٿا اچن، پنجاب پوليس جي ڪارڪردگي اڳ کان وڌيڪ هاڻ خراب آهي جيڪڏهن ڀلي هجي ها ته ٻن سالن ۾ 5 آءِ جي تبديل ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت محسوس ٿئي ها! ڏسجي ته سون جي تعداد ۾ ڊي پي اوز ۽ ٻيا عملدار به تبديل ٿيندا رهيا آهن جن کي مهينو ٻه مهينا پوسٽ تي رهڻ جو موقعو ملندو رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ کاتن جو ڪهڙو حال بچندو هوندو جن کي اِهو يقين ئي ناهي ته سندن سربراھه رهندو به الائي جي نه !

جيتوڻيڪ پنجاب جي ڪارڪردگي تي نظر ڪجي ته اُتان جي وڏي وزير عثمان بوزدار جيان ٿڪل ئي آهي پر! ايتري به ٿڪل ناهي هڪ ڳالھه ۾ چست نظر پئي آئي تڏهن ته ٻن سالن ۾ 5 پوليس آءِ جي ۽ ڪيترائي دفعا سيڪريٽريز سوين ڊي پي اوز ۽ ٻيا آفيسر به تبديل ڪندا رهيا ظاهر آهي اِهي تبديليون تبديلي پسند وزيرِاعظم عمران خان جي منظوري کان سواءِ ممڪن ئي ناهن . پنجاب حڪومت جي نااهلي ۽ بد انتظامي جو سڌو اثر ملڪ جي وزيرِاعظم تي ان ڪري به پوي ٿو ته هر ڪاميابي کي هو پنهنجي ڪاميابي قرار ڏيندو آيو آهي ته کيس هر ناڪامي ۽ بد نظمي کي به پنهنجي کاتي ۾ شامل ڪرڻ گھرجي ان ڪري ته پنجاب ۾ سندن ئي حڪومت آهي .

هي ڏوھه معمولي ناهي جئين حڪومت سمجھي رهي آهي ۽ هن کي روايتي طريقي سان حل ڪرڻ ۾ رڌل آهي سوال هي آهي ته پنجاب پوليس جنهن کي سياست کان پري رکڻ ۽ آزاد طريقي ڪم ڪرڻ لاءِ سڌاري جي ڳالھه پئي ڪئي وئي ۽ دعويٰ به ٿيندي نظر آئي ان دعويٰ کي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد اِهو چئي ٻوڙي ڇڏيو ته پوليس ۾ سياسي مداخلت ختم ناهي ٿي هن عورت سان ٿيندڙ ڏاڍائي کي شرمناڪ عمل قرار ڏنو ۽ چيو ته عوام موٽر وي تي به محفوظ ناهي . سوشل ميڊيا تي ته وڏو غصو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ايتري تائين جو هر طبقي سان واسطو رکندڙ هن عمل تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي پر سي سي پي او لاهور عمر شيخ جي بيان تي وڌيڪ ڪاوڙ ڏيکاري آهي ۽ کيس فوري طور هٽائڻ جا مطالبا ڪري رهيا آهن اهڙي طرح انساني حقن توڙي عورتن جي حقن وارين تنظيمن پاران به واقعي تي احتجاج ٿي رهيا آهن ۽ غير ذميوار پوليس آفيسر کي هٽائڻ جي گھر ڪري رهيا آهن.

جڏهن ته پي ٽي آءِ جي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون ٿيل ڏوھه تي پردو رکڻ لاءِ متاثره ۽ معصوم ٻارڙن اڳيان زيادتي جو نشانو ٿيل عورت کان سوال ڪري رهي آهي ته رات جو هن رستي سان ڇو وئي بلڪل ائين جئين هڪ انڊين فلم ۾ زيادتي جي نشانو بڻيل عورت کان عدالت ۾ سوال ڪيا ويندا آهن ته جوابدارن اوهان کي ڪئين زيادتي جو نشانو بڻايو پهريان هنن ڇا ڪيو ڪئين ڪيو؟ توهان جو ردِ عمل ڇا هو؟ زيادتي ڪندڙن کي ڪهڙي رنگ جا ڪپڙا پاتل هئاا ،نهن جا چهرا ڪئين هئا و؟ وغيره وغيره افسوس!

پاڪستان ۾ به وارداتون بلڪل انڊين فلمن جيان ڪيون وڃن ٿيون ۽ وري اسان جي حڪومت ۽ انتظاميا به اهڙا سوال ڪري ٿي، جڏهن ڪيس عدالت ۾ ويندو ته ڏوهارين جو دفاع ڪندڙ وڪيل ان زيادتي ڪندڙ عورت کان خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا سوال ڪندا ۽ اِهي سوال ئي مجبورن عورت کي ڪيس تان هٿ کڻڻ تي مجبور ڪندا يا ڏوهارين کي نه سڃاڻڻ تي مجبور ڪندا ۽ عدالت سڳوري ثبوت نه ملڻ تي وحشين کي با عزت بري ڪري ڇڏيندي، پوءِ هُو معاشري ۾ عزتدار ٿي آزادي گھمندا ڦرندا ۽ سياسي پارٽين جا سرگرم ڪارڪن اڳواڻ ٿي پاڻ کي تحفظ ڏيندا، اُهي ئي وري ايوانن تائين پهچندا ۽ ملڪ جا قانون جوڙيندا بلڪل ائين جئين هاڻ جوڙيا وڃن ٿا ڏوهاري پرسڪون ، فرديادي پريشان ! وري به پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ اُها ئي عورت پاڻ لڪائيندي رهندي ! ان ڪري ته رڳو هي واقعو اڪيلو ته ناهي اڳ به ته اهڙا هن کان بدتر زيادتين جا واقعا ٿيندا رهيا آهن انهن جا به ته نتيجا سامهون آهن .

هتي اُهو درد ڀريو سوال هي آهي ته اُها ماءُ ڪئين زندگي گذاريندي جنهن جي ٻارڙن اڳيان سندس عزت لٽي وئي هجي يا اُهي ٻار ڪئين جئيندا جن اڳيان سندن امڙ سان زيادتي ڪئي وئي هجي ، سماج انهن کي ڪهڙين نگاهن سان ڏسندو جڏهن اسان جا حڪمران ۽ انتظاميا ، قانون کائنس غليظ سوچ وارا سوال ڪندي نظرايندا هجن ڪاش ! اهڙا سوال حڪمرانن ، انٽظاميا ۽ قانون کان به ڪيا وڃن ته اوهان پنهنجي ملڪ جي عوام کي تحفظ ، انصاف نه ڏئي سگھڻ سبب ڪمزور بڻيل آهيو تڏهن معصوم ٻارڙن ۽ رستي ويندڙ عورتن سان زيادتيون ٿين ٿيون جو، اوهان طاقت هوندي به گوڏا کوڙيل نظر پيا اچو معافي وٺندي توهان به ٻڌايو ته اهڙو اوهان جو ريپ ڪنهن ڪيو آهي, ڪئين ڪيو آهي ڇو ڪيو ويو آهي ، ڪٿي ڪيو ويو آهي ؟؟؟ .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.