ڀنگ جي پوک وارو ناٽڪ !

غلام حسين لغاري

وفاقي سرڪار ملڪ اندر هڪ ڀيرو ٻيهر ڀنگ پوکڻ جي مشروط اجازت ڏني آهي، جنهن جو ڪارڻ اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته ڀنگ جي ٻوٽن کي انساني زندگين کي بچائڻ وارين دوائن ٺاهڻ جي استعمال ۾ آندو ويندو ۔ پهريان صدر ايوب خان جي دور ۾ جزوي طور بعد ۾ ضياء الحق جي مارشل لا کانپوءِ ڀنگ جي پوک تي بندش مڙهي وئي هئي جو انجا ملڪ تي منفي اثر پئجي رهيا هئا ۽ انجو غلط استعمال پئي ڪيو ويو جنهن سان ملڪ عالمي سطح تي بدنام پئي ٿيو ۽ پرڏيهه ويندڙ پاڪستانين جي هوائي اڏن ۽ سرحدن تي سخت چيڪنگ ڪئي پئي وئي جيڪا اڃا سوڌو جاري آهي ۔

ملڪ جي اترين علائقن ۾ گهڻو ڪري افغاستان سرحد سان ملندڙ علائقن ۾ ڀنگ ۽ ڏوڏي جي پوک سبب چرس آفيم هيروئن ۽ ٻيون نشي آور شيون ٺهڻ ۽ استعمال ۾ اچڻ لڳيون، جن نوجوان نسل کي تباهه و برباد ته ڪيو پر انهن نشي آور شين جو پرڏيهه تائين واپار هلڻ لڳو، جنهن اسمگلنگ کي وجود ۾ آندو ۽ اڄ سودو اها اسمگلنگ جاري و ساري آهي۔ نوجوانن جا نسل ته تباهه ٿيا آهن پر لکن جي انگ ۾ خاندان اجڙي چڪا آهن ۔ گهٽيون پاڙا قبرستان نشي آور نوجوانن سان ڀريا پيا آهن. سنڌ ۾ بوبڪ، شاهه حسن، نئنگ شريف ۽ قصبي وارو علائقو ڀنگ ۽ تماڪ جي پوک طور سڃاتو وڃي ٿو۔جتي نهري پاڻي جي سهولت موجود هوندي هئي اتي به ڪجهه آبادگار  تماڪ پوکيندا هئا پر سختيءَ سبب وڏي ايراضي تي نه هوندو هُو.

سنڌ واري ڀنگ ديسي هجڻ ڪري گهٽ نقصانڪار ۽ ٿڌي علامت رکندڙ آهي جڏهن ته جهنگلي ۽ مارشل لا طور سڏي ويندڙ ڀنگ جيڪا ملڪ جي مٿاهن اترين علائقن ۾ ٿيندي آهي انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهي۔اسلام آباد جي جابلو علائقن ۾ روڊن رستن تي پڻ ڀنگ جا ٻوٽا پوکيل نظر ايندا. ڀنگ ۽ تماڪ جي پوک سبب انوقت جا آبادگار مالي طور مستحڪم هوندا هئا ۽ ڪسٽم جي اڳاڙي وڌيڪ ٿيندي هئي جيڪا ڀنگ ۽ تماڪ تي بندش سبب يا ته گهٽجي چڪي هئي يا ختم ٿي چڪي هئي۔ اوائلي دور ۾ به ڀنگ ۽ ڏوڏي جي پوک ۽ وڪري لاءِ باقائده لائسنس ۽ اجازت ناما جاري ٿيندا هئا پر اڳتي هلي پوکي ۽ وڪري تي بندش عائد ٿي.

گهرن ۾ ڏوڏي جو ڪاڙهو نزلي ۽ زڪام جي روڪٿام لاءِ هر عمر جي ماڻهوءَ کي گهڻو ڪري پيارو ويندو هو۔اڄ به آفيم کي به نزلي ۽ زڪام خلاف استعمال ڪيو ويندو آهي پر اهو لڪ چوري ۽ ڏکيو ميسر ٿيندڙ آهي. ڪوٽڙي سميت ملڪ ۾ تماڪ جا ڪارخانا ڪم ڪندا هئا ، جيڪي هاڻ ايڪڙ ٻيڪڙ کانسواءِ باقي ناهن رهيا. البته سگريٽن جي تياري لاءِ تماڪ هاڻ امپورٽ ٿئي ٿو ۽ لاڳو ٽئڪسن کانپوءِ ملڪي سگريٽن جو اگهه به وڌيو آهي، پر تماڪ ۽ تماڪ مان ٺهيل سگريٽن ۽ حقن پيئڻ سان ساهه جي بيماريءَ ۾ به واڌارو ٿيو آهي جن نوجوانن توڙي وڏي عمر وارن مردن توڙي عورتن کي ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا ڪيو آهي۔ ڀنگ جو نشو به پنهنجي جاءِ تي ماريندڙ آهي جنهن سان جيري جون بيماريون پئدا ٿين ٿيون۔ هيروئن ۽ آفيم دماغي بيماريون پئدا ڪريو ڇڏي ۔ ڀنگ جي استعمال جا ڪجهه فائدا آهن به آهن. معالجن ۽ واپرائيندڙن جو چوڻ آهي ته حد اندر يعني ڀنگ جي چانهن يا ڀنگ جو جوس ( هڪ گلاس ) پيئڻ سان ذهني دٻاءُ ۾ رهندڙن جن کي گهٽ ننڊ ايندي هجي تنهن کي سڪون ۽ آرام ملي ٿو.اهڙي طرح وزن ۾ گهٽتائي رهي ٿي ۽ هاضمو درست رهي ٿو.پيرسني ۾ جن ماڻهن کي جوڙن جو سور رهي ٿو تن جي جوڙن ۽ هڏن کي طاقت ملي ٿي ۽ سور ختم رهي ٿو.جن کي چمڙي جو مسئلو يا اُس ۾ چمڙي سڙي ٿي ڀنگ پيئڻ سان ان کي فائدو ملي ٿو.پر انجو اهو مطلب ناهي ته ڀنگ جي عادت وڌي وڃي ۽ هر ماڻهو پاڻ کي انجو عادي ڪري ڇڏي جنهن سان وقتي فائدي بدران جگر ۽ جيرو وٺجي وڃن جنهن سان سان موت به واقعي ٿي سگهي ٿو..

خبر نٿي پوي ته وفاقي حڪومت کي ڪنهن صلاح ڏني آهي ته ڀنگ جي پوک کي همٿايو وڃي جنهن جا صحت سڌرڻ بدران منفي اثر پئجي سگهن ٿا۔ دوا سازيءَ لاءِ ٻيا به متبادل طريقا آهن،جيڪي دنيا اندر استعمال ٿين ٿا انهن تي تحقيق جو ڪم ڪيو وڃي۔ سنڌ ۾ ڀنگ جي پوک ڪمرشل سطح جيتري ناهي البته اترين علائقن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي، جن کي مالي طور فائدو پهچائڻ جي ڪوشش چئي سگهجي ٿو۔ جيڪڏهن دوائن جي تياري لاءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته انجو ڪو ٻيو متبادل رستو ڳولڻ گهرجي، باقي حڪومت جو اهو فيصلو صحيح ناهي ۔ هر اهو فصل جيڪو نشي آور شين ۽ دوائن جي تياريءَ ۾ استعمال ٿئي، انجي پوک هن اسلامي ملڪ ۾ حرام آهي ۽ وفاق کي اهڙي فيصلي کي واپس وٺڻ گهرجي ۔ افسوس جو ڪابينا ۾ شامل ڪنهن به ميمبر ان ڳالهه تي اعتراض نه ڪيو، اهڙي فيصلي وزيراعظم کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.