اهڙا جن اهڃان…

         زاد گهلو/ڪراچي

سماج جي اندر ڪي اھڙا شخصي ڪردار به پيدا ٿيندا آھن جيڪي نه صرف پنھنجي ارد گرد جي ٿيندڙ مسئلن تي آواز کڻي انھن جي حل لاءِ آواز اٿاريندا آھن پر انھن سنجيده مسئلن جي حل لاءِ پڻ ڪوشش ڪندا آھن ته جيئن ڪو انسان ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار نه ٿئي اھي انسان ڄڻ ته جيئندا ئي ٻين لاءِ آھن. دنيا ۾ ڪنھن به ظالم سامراجي قوتن جي ٿيندڙ ظلم ۽ ان ظلم جي شڪار ٿيندڙ مظلوم انسانن جي ڏک ۽ تڪليف کي پنھنجي وجود ۾ محسوس ڪندڙ  ۽ ان لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ اياز جي لفظن ۾ ته.

جنھن تي به ٿيو جنھن وقت ٿيو

سو مونتي ظلم ٿيو آھي

ڪا ٻانھن وڍي مون دانھن ڪئي

ڄڻ منھنجي ٻانھن وڍي آھي.

انسانيت سان اھڙو پيار ڪندڙ سموري ڄمار کي سياست نالي محبوبا کي ارپيندڙ(نظرياتي سياست) ميھڙ جي مينديءَ جي ھڳاءُ جھڙو ان ئي شھر جي ھڪ صدوري ماءُ جي ڪک مان جنم وٺندڙ بانوري بادل جھڙو اسان جو ولي ناريجو اھڙو انسان آھي جنھن جي دل توڙي گھر جا دروازا نظرياتي دوستن لاءِ ھميشه کليل رھندا آھن،دوستن جي اوڻائين کي به نظر انداز ڪندڙ ۽ انھن جي ھلڪڙين ڳالھين کي به برداشت ڪندڙ دوستن سان ڀٽائي جي ھنن سھڻن لفظن جھڙو رويو رکندڙ.

منھنجي مداين جي ڪل پريان پيئي،

ڪڏھن ڪوسا نه ٿيا ڏوراپو ڏيئي.

جو دستور قائم رکيو اچي ،ڪو به انسان زندگي جي ھر شعبي ۾ مڪمل ڪمال حاصل نٿو ڪري سگھي استاد بخاري ان کي ھيئن بيان ڪيو آھي.

ھڪ عمر ۾ جاني ڇا جيئندس

ڪم ڪار ڪندس يا پيار ڪندس

توسان ڇا ملندس توسان ڇا کلندس

مونکي عمرون ھجن ھا سو سھڻا .

پر وليءَ نه صرف باوقار زندگي جي ڏيکاري آھي پر پيٽ پالڻ لاءِ عام انسانن سان ڪم ڪار جي ڊوڙ ۾ شامل رھي پنھنجو روزگار پڻ ڪندو رھيو. ان سان گڏوگڏ محبت جي ساز کي به ڇيڙيندو رھيو ان موسيقي جي مستي ۾ جھومندو رھيو پر سياست کي به گڏ کڻي ھلندو رھيو پر مختلف اشوز تي قلمي جنگ به ڪندو رھيو آھي. بخاري جي سو عمرن واري  زندگي وارا ڪم ھڪ زندگي ۾ ڪم ڪندڙ ولي 90 جي ڏھاڪي ۾ سياست ۾ پڻ عملي طور پڻ شامل رھي ظالم قوتن سان مھاڏو اٽڪائي بامقصد سياست ڪئي پر ان وقت به اخبارن ۾(جن مان ڪجھه بند ٿي ويون آھن) پنھنجين لکڻين ۾ نمايان رھيو. ان وقت سندس عمر ڪنھن دوشيزه جي زلفن جي اسير ٿيڻ جي ھئي پر اسان جو ھي دوست ان وقت به نه صرف سماجي نا انصافين ظلم ڏاڍ سامراجي قوتن خلاف پر سنڌ،پاڪستان،ايشيا ۽ ملڪي توڙي بين القوامي موضوعن تي مضمون لکي انسانيت جي خدمت ڪندو ھيو.

ڪتابن سان ٻچڙن جھڙو پيار ڪندڙ ولي محبت جي شروعاتي ڏينھن ۾ خليل جبران جي لکڻين کي پڙھي انھن لکڻين جي بنياد تي خطن جي شروعات ڪري پنھنجي محبت جي جذبن جي اڃ اجھائيندو ھيو،

سندس سياسي سوچ جو رخ اڃان تائين به سوشلزم آھي. گھڻ پڙھيو ۽ سٺي اخلاق مرڪندڙ چھري جو مالڪ ولي سياست ۾ ھميشه بھترين ڪردار جو مالڪ رھيو آھي سندس جدوجھد کي سلام ھجي،

ڪڏھن به مادي شين جو لالچي نه رھيو آھي  نه ڪڏھن سياست سان سوديبازي ڪيائين جيئن سندس دور جي مختلف دوستن ڪيو ۽ وڏين گاڏين توڙي بنگلن جا مالڪ ٿي ويا ولي سھڻي لطيف جي ھنن سون جھڙن لفظن جو جيئرو جاڳندڙ ثبوت آھي ته۔

نڪي کڻن پاڻ سي،نه ڪو ساڻن پاڻ،

اھڙا جن اھڃاڻ،آء نه جيئندي ان ري.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.