لاهور جي سي سي پي او کي هٽائڻ لاءِ درخواست داخل

لاهور (م ڊ) لاهور جي سي سي پي او کي هٽائڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.  نواز ليگ اڳواڻ ملڪ محمد احمد خان لاهور هاءِ ڪورٽ  ۾ درخواست ڏني آهي جنهن ۾  وفاق، پنجاب حڪومت ۽ سي سي پي او کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سي سي پي او پنهنجي آفيسر خلاف گٿا لفظ ڳالهايا ان کان پوءِ گينگ ريپ ڪيس ۾ غير ذميواراڻي بيان بعد عورتون پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳيون آهن. تنهن ڪري سي سي پي او کي ترت ڪم کان روڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.