موٽروي سانحي تي سي سي پي او جو بيان غيرذميواراڻو آهي: شيخ رشيد

لاهور (بيورو رپورٽ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ  رشيد چيو آهي ته اڄڪلهه لنڊن ڀڳوڙن ۽ اشتهارين جي آماجگاهه بڻجي ويو آهي، عدالتن کي گهربل سمورن ماڻهن لنڊن ۾ پناهگاهون ٺاهي ڇڏيون آهن، پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته هلندڙ سال جي آخر تائين نواز ۽ شين ليگ الڳ ٿي وينديون ، سنڌ سرڪار ۽ وفاق ۾ لاڳاپا اڃا وڌيڪ بهتر هجڻ گهرجن، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران وفاقي وزير موٽري وي واقعي جي مذمت ڪندي متاثر عورت جي باري ۾ سي سي پي او لاهور جي بيان کي غير ذميواراڻو قرار ڏئي ڇڏيو، شيخ رشيد جو چوڻ هو ته سڀ آفيسر ميڊيا تي ڳالهائڻ جي قابل نه هوندا آهن، موٽر وي واقعي تي سڄي دنيا ۾ بدنامي ٿي آهي، اُميد ته جوابدار جلد پڪڙ ۾ ايندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.