موٽروي سانحي خلاف حيدرآباد ۾ عورتن جو احتجاج، ادارا مڪمل طرح ناڪام ٿي ويا: اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽر) وومنز ايڪشن فورم ۽ وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ پاران لاهور موٽر وي تي هڪ عورت کي سندس معصوم ٻارڙن جي سامهون جنسي زيادتي جو نشانو بنائڻ خلاف ريڊيو پاڪستان کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، هن احتجاجي ريلي ۾ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سندن هٿن ۾ لاهور واقعي، عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد، جنسي ڏاڍائي وارن واقعن ۽ عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف لکيل نعرن وارا بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا ۽ هو سخت نعريبازي ڪري رهيون هيون. ان موقعي تي وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ حسين مسرت شاهه، گلبدن جاويد مرزا، ريحانه ملاح، نسيم جلباڻي، وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي اڳواڻ عاليا بخشل ٿلهو، ماروي لطيفي، مقصودا رتڙ، فروا ٿلهو ۽ ٻين عورت اڳواڻن لاهور موٽر وي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اڄ جي عورت هر طرح جي تشدد جو شڪار ٿي رهي آهي، قتل ۽ زيادتي جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن، پدرشاهي بربريت وڌندي پئي وڃي، ڪاروڪاري جي الزام هيٺ عورتون ڳڀا ڳڀا ڪري ڳٺيون وڃن ٿيون. هنن چيو ته جنسي ڏاڍائي جي وقعن ۾ 5 سالن جي ڄمار کان به ننڍن ٻارڙن کان وٺي نوجوان عورتون مردن جي وحشت ۽ حيوانيت کان محفوظ ناهن. هنن چيو ته وزيران ڇڇر ۽ مروا جا واقعا افسوسناڪ آهن، وزيران ڇڇر جو قتل بي رحمي ۽ نفرت سان ڪيل هو، اهو وڌندڙ پدرشاهي جي بربريت جو ثبوت آهي. عورت اڳواڻن چيو ته لاهور موٽر وي تي هڪ عورت سان سندس ٻارڙن جي سامهون جنسي ڏاڍائي وارو واقعو هڪ پاسي آهي، پر وري پوليس جا اعليٰ عملدار عورت کي ئي ڏوهاري قرار ڏئي رهيا آهن، پوليس تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ڏوهه کي مڃڻ بجاءِ عورت جي لاءِ چئي رهي آهي ته هوءَ رات جو گهران ٻاهر ڇو نڪتي. هنن چيو ته لاهور موٽر وي واقعي کانپوءِ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته اسان جا ادارا مڪمل طرح ناڪام ٿي چڪا آهن، ادارا خاص طور تي عورتن کي تحفظ ڏيڻ ناڪام رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته لاهور موٽر وي حادثي جي ڏوهارين کي گرفتار ڪري قانون مطابق سزا ڏني وڃي ۽ عورتن لاءِ نامناسب ٻولي ڳالهائيندڙ لاهور جي سي سي پي او کي معطل ڪيو وڃي، ان سان گڏ وزيران ڇڇر جي قاتلن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي، جڏهن ته ماها شاهه ۽ مروا جي واقعن ۾ ملوث ڌرين کي پڌرو ڪري سزا ڏني وڃي. احتجاجي مظاهري ۾ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان، سنڌ سجاڳي فورم، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس، پروگريسو رائٽرس ايسوسيئيشن حيدرآباد، شرڪت گاهه، ادبي سنگت گهوٽڪي، عوامي ورڪرز پارٽي حيدرآباد، ليٽ دي وومين لائيو ۽ ٻين تنظيمن سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن مير ٿيٻو، تاج جويو، پروفيسر امداد چانڊيو، پنهل ساريو، سارنگ جويو، منظور ٿهيم، انيل دايو، لالا عبدالحليم ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ريحانه چنڙ عورتن مٿان ٿيندڙ ظلم، تشدد ۽ جنسي حراسان ڪرڻ جي واقعن جي حوالي سان هڪ ٿيٽر پڻ پيش ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.