غوثپور ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ڀڙڪي پيو، عورت سميت 3 ڄڻا قتل، 5 زخمي

ڪنڌ ڪوٽ/ غوثپور (  رپورٽ : ممتاز سنڌي + عبدالغفار اوڳاهي ) ڪچي جي علائقي ڳوٺ جيئند جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن  ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾  عورت سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، 2 عورتن سميت 4 زخمي ٿي پيا، واقعي بعد علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو آهي،  غوثپور دراني مھر پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ جيئند جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين. مراد علي جاگيراڻي ۽ جيئند  جاگيراڻي ۾ ھلندڙ پراڻو خوني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي پيو، جنهن دوران  ٻنھي ڌرين  ھڪ ٻئي مٿان  جديد ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا آهن. گوليون لڳڻ سبب سرفراز جاگيراڻي ۽ نور الدين جاگيراڻي ٿڏي تي مارجي ويا آهن. جڏهن ته جهرڪي علي خان تيغاڻي  ۽ 3 عورتن  سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ عورت مائي طوطان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو دير تائين جاري هو،دراني مھر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال آندا جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. علائقي ۾ خوف واري صورتحال پکڙيل آهي، ڀر پاسي جا ماڻهو خوف مان گهرن تائين معدود ٿي ويا آهن،  وڌيڪ رتو ڇاڻ  جو پڻ خدشو آهي، فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف هراس پکڙيل آهي ۽ ڌريون مورچا بند آهن،  هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 6 ماڻهو گولين جو کاڄ بڻجي چڪا آهن،  ياد رهي ته 3سال اڳ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ فصل جي ڀيل تان جهيڙو شروع ٿيو هو. پوليس موجب قتل ٿيل سرفراز جاگيراڻي تي ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي اغوا، ڦر، چوري ۽ پوليس مقابلي جا ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن، قتل ٿيل نورالدين جاگيراڻي جي وارثن عوامي آواز سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته ڏوهارين اسان جي گهرن مٿان راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.