شڪارپور جي معرفاڻي ڌرين ۾ خوني تڪرار جو جرڳو، 18 خون ثابت، 3 ڪروڙ 57 لک ڏنڊ

سلطان ڪوٽ (رپورٽ : طارق علي سڌايو )ھمايون شريف ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي تڪرار تان معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرارجو جرڳو، 18 خون ثابت ٿيڻ تي ڌرين تي 3 ڪروڙ 57 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، رشيد معرفاڻي ۽ ربنواز معرفاڻي جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو مير عامر خان جي جاڳڻ شاخ واري بنگلي تي ڪيو ويو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ ، ايم پي اي اسلم ابڙو، اڪرم ابڙو، سردار عبدالغفور ٿھيم، سرداراختر خان کونھارو، مير مراد خان ڀيو، مولانا عبدالباري شيخ جي سرپئنچي هيٺ ٿيل جرڳي ۾ في قتل جي بها 15 لک ۽ زخمين جا اڍائي لک رپيا رکيا ويا، ربنواز معرفاڻي واري ڌر جا 10 قتل ۽ پنج زخمي ثابت ٿيا، رشيد معرفاڻي واري ڌر جا 7 قتل ۽ 7 زخمي ثابت ٿيا،ڀيا برادري جي ھڪ واٽھڙو جو به خون ثابت ٿيو، جڏهن ته ٻه عورتون زخمي به ثابت ٿيون، زخمي 2 عورتن جا 15 لک مقرر ڪيا ويا. اهڙي طرح ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور 3 ڪروڙ 57 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. رشيد معرفاڻي ڌر تي 3 قتل وڌيڪ ثابت ٿيڻ ۽ ٻئي نقصان سميت 96 لک ڏنڊ مقررڪيو ويو، جنھن مان 17 لک رپيا ادا ڪيا ويا، باقي رقم 3 مهينن ۾ ادا ڪئي ويندي، جرڳي بعد ڌرين کي قرآن پاڪ مٿان ھٿ رکي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو. جرڳي جي موقعي تي امن امان جي صورتحال سبب ٿاني جھان واھ سميت شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس مقرر ڪئي وئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.