تعليمي ادارا شيڊول مطابق کوليا ويندا: سعيد غني

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي خانگي اسڪولن جي اندر ڪينٽين يا شيون وڪرو ڪرڻ توڙي اسڪولن ٻاهران شيون وڪرو ڪرڻ  تي پابندي لڳائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته خانگي ادارن تي ايس او پيز تي عمل جي ڳري ذميواري آهي،  تعليم ۽ ليبر وزير سعيد غني چيو آهي ته سڀ سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا شيڊول مطابق ٻيهر کوليا ويندا ان لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ايس او پيز تي عمل لاءِ ڊپٽي ڪمشنرن ۽ پوليس کان به مدد ورتي ويندي،  اهڙو اظهار هن ڪالهه خانگي اسڪولن جي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن سان گڏجاڻي ۾ ڪيو، ان موقعي تي سنڌ جو تعليم سيڪريٽري احمد بخش ناريجو ، ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول منصب احمد صديقي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا ، صوبائي وزير سعيد غني چيو ته  خانگي ادارن تي ڳري ذميواري آهي ته اهي ايس او پيز کي يقيني بڻائين، والدين کي به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.