پي ٽي آءِ سرڪار ۾ مهانگائي ۾ لڳاتار واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تبديلي سرڪار جي حڪومت دوران مهانگائي ۾ لڳاتار اضافو، مهانگائي جي شرح وڌي 9 ڏهائي 4 سيڪڙو  ٿي وئي، شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ هفتي دوران عام واهپي جي 22 ضروري شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو، ڪڪڙ 22 رُپيا، مُڱن جي دال 13 رُپيا ۽ دال ماش 7 رُپيا في ڪلو مهانگا، چڻن جي دال جي اگهن ۾ اڍائي رُپيا في ڪلو ۽ اٽي جي 20 ڪلو واري ٿيلهي جي اگهن ۾ 15رُپيا اضافو رڪارڊ، شماريات کاتي جي رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران ڳڙ، ماچيس، کير، ڏهي، چانور ۽ گوسٽ به مهانگا ٿي ويا.

پاڪستان ڪورونا ويڪسين جي ٽرائل ۾ شامل هوندو: اسد عمر

اسلام آباد (م ڊ) منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان چين ۾ تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين جي ٽرائل ۾ شامل هوندو.ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي اسد عمر ٻڌايو ته چين ۾ تيار ٿيندڙ ڪورونا ويڪسين جي ٽئين مرحلي ۾ شامل هونداسين، پاڪستان ۾ ڪورونا جي علاج جي ويڪسين جي ٽرائل جو ٽيون مرحلو 10 ڏينهن ۾ شروع ٿي ويندو.واضح رهي ته ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي اڳ ئي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي ڪلينيڪل ٽرائل جي منظوري ڏئي چڪي آهي.

ڄام ڪمال خان پاران خالد بزنجو کي مبارڪباد

حب (ن ع آ) بلوچستان عوامي پارٽي جي صدر ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان سينيٽ جي خالي سيٽ تي بي اي پي جي اميدوار جي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. خالد بزنجو جي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي اتحادي پارٽين جي گڏيل اعتماد ۽ بهترين ورڪنگ ريليشن شپ جو مظهر آهي، هن چيو ته بلوچستان عوامي پارٽي جي اميدوار کي غير مشروط حمايت تحت ڪامياب بڻائڻ تي اتحادي پارٽين جو ٿورو ادا ڪريان ٿو.

سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، 205 مريض ظاهر

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس صورتحال بابت ميڊيا کي ٻڌائيندي چيو ته 3 وڌيڪ مريض  پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن جڏهن ته فوتين جو انگ 2443 ٿي ويو آهي. ساڳي ريت 205 مريض ظاهر ٿيا جڏهن 13797 ٽيسٽ ڪيا ويا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 3 وڌيڪ مريضن جي فوتگين کانپوءِ انگ 2443 ٿي ويو ۽ شرح 1.9 سيڪڙو رهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪورونا وائرس جا 205 نوان ڪيس سامهون آيا جڏهن 13797 ٽيسٽ ڪيا ويا.  جنهن ۾ هڪ سيڪڙو تشخيصي شرح رهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.