غيرملڪي سفيرن پاران برسات متاثرن جي مدد جي خاطري

ڪراچي (رپورٽر) آمريڪا، چين، برطانيا، فرانس ۽ ٻين ملڪن جي سفيرن سنڌ ۾ برسات جي تباهين کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪندي چيو  آهي ته سنڌ جي وڏي وزير کين صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي هو مدد لاءِ ڪوششون وٺندا، يونيسيف ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام  عملدارن پاران متاثر علائقن جي دوري ڪرڻ ۽ امدادي سامان ورهائڻ جي خاطري، ان حوالي سان ڪالهه  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ طوفاني برساتن سبب تباهي بابت مختلف ملڪن جي سفيرن کي بريفنگ ڏيندي چيو ته 136 ماڻهو فوت ٿيا، 23 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ 45961 چوپائي مال  جي مري وڃڻ سان گڏوگڏ وڏي تعداد ۾ ڪچا ۽ پڪا گهر تباهه ٿي ويا آهن. اجلاس ڇنڇر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ آمريڪا جي مسٽر رابر سلبرسٽن، ڪئنيڊا جو مسٽر برام آواري، چين جو لي بيجيان، زانگ هو ۽ زيانگ لن، جاپان جي اشڊا ڪٽسوناري، گڏيل عرب امارات جو ڊاڪٽر سليم الخادين الڌناني، فرانس جي مسٽر ڊيڊيئر ٽالپائين، برطانيا جي مسٽر مائڪ نيٿوريانڪس ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صوبائي حڪومت پاران اجلاس ۾ تعليم وارو وزير سعيد غني، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو قاضي شاهد پرويز ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير ملٽي ميڊيا تي هڪ پريزنٽيشن ذريعي چيو ته آگسٽ 2020 ۾ مجموعي برسات ڪري 9 ضلعا ٻوڏ ۾ اچي ويا آهن.  هن ٻڌايو ته ميرپورخاص ۾ 27.28 سيڪڙو، بدين ۾ 13.2 سيڪڙو، عمرڪوٽ ۾ 12.25 سيڪڙو، ٽنڊوالهيار ۾ 5.93 سيڪڙو، سانگهڙ ۾ 5.79 سيڪڙو، ٽنڊو محمد خان ۾ 1.65 سيڪڙو، حيدرآباد ۾ 0.14 سيڪڙو، مٽياري ۾ 0.64 ۽ ٿرپارڪر ۾ 31 سيڪڙو ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آھي. مراد علي شاهه چيو ته صورتحال کي نظر ۾ رکندي سندس حڪومت 4 ڊويزن جي 20 ضلعن کي آفت زده قرار ڏنو آهي. انهن ۾ ڪراچي ڊويزن جا ڏکڻ، اولهه ، اوڀر ، سينٽرل ، ڪورنگي ۽ ملير ضلعا پڻ شامل آهن. حيدرآباد ڊويزن ۾ حيدرآباد، بدين، ٺٽو، سجاول، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، مٽياري ۽ دادو ضلعا شامل آهن. ميرپور خاص ڊويزن  ۾ ميرپور خاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعا شامل آهن.  شهيد بينظير آباد ڊويزن  شهيد بينظير آباد ۽ سانگهڙ ضلعا شامل آهن. تفصيل ٻڌائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته شروعاتي ڪاٿي مطابق 20 کان 29 ضلعن ۾ 2.4 ملين ماڻهو 500000 کان وڌيڪ آهن. سندس حڪومت پاران نقصانن ۽ امدادي اُپائن بابت سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ 64 ماڻهن سميت 136 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ 86 ماڻهو زخمي ٿيا جڏهن ته 2488616 ماڻهو متاثر، 1094150 ايڪڙ بيٺل فصل مڪمل تباهه، 77343 گهر مڪمل تباهه ۽ 137178 گهرن کي جزوي نقصان جڏهن ته 45961 چوپايو مال هلاڪ ٿيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان 196 رليف ڪيمپ قائم ڪيا آهن جتي 54778 خيما قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 23629 ماڻهن کي خيمن ۾ 73081 راشن بيگز، 102200 مڇر دانيون، 2680 جيري ڪين، 5000 پاڻي جون بوتلون، 930 واٽر فلٽر ۽ 3780 ترپال جون چادرون ورهايون ويون آهن. طلب ۽ رسد ۾ فرق جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 122100 خيمن مان صوبائي حڪومت رڳو 41135 ڏئي سگهي آهي. اهڙي ريت 279000 جي گهرج تي 24150 راشن بيگز فراهم ڪيا ويا آهن. 79000 مڇردانين جي ضرورت آهي پر حڪومت صرف 43500 فراهم ڪري سگهي آهي.  11500 ڪچن ڪٽس جي ضرورت آهي پر هيل تائين صرف 2200 جي سپلائي ڪئي وئي آهي.  479 ڊي واٽرنگ مشينون گهربل آهن پر حڪومت صرف 57 ڏئي سگهي. 10250 ٽرپال جي چادرن جي گهرج آهي جنهن جي نتيجي ۾ 3780 ڏئي سگهياسين. 32000  جيري ڪين جي گهرج آهي پر 2600 فراهم ڪيا ويا آهن. مراد علي شاهه چيو ته امدادي سامان جي فراهمي ۽ رسد ۾ وڏو فرق آهي.  هن وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت نه رڳو ضرورت ۽ گهرج جي فرق کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي پر عالمي ادارا به متاثر ٿيل ماڻهن جي بحالي ۽ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۾ صوبائي حڪومت جي مدد ڪن. سفارتڪارن چيو ته اهي ان صورتحال کان مڪمل اڻ واقف هئا. هنن نشاندهي ڪئي ته ڪنهن به انهن کي برسات وگهي ايڏي وڏي تباهي کان آگاه نه ڪيو آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته هو صوبائي حڪومت کي متاثر ماڻهن جي مدد فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي بحالي لاءِ ضروري ڪارروائي  ڪم ۾ آڻيندا. سنڌ جي وڏي وزير، ڪرشتينا جي اڳواڻي ۾ يونيسيف ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) جي وفد سان ملاقات ۾ صورتحال کان آگاهه ڪيو. انهن سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته اهي ذاتي طور متاثر ٿيندڙ علائقن جو دورو ڪندا جتي کاڌ خوراڪ ۽ سپلاءِ مهيا ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.