سنڌ جي ورھاست ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين: صدرالدين شاھ

ڪراچي(رپورٽر )پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو آھي ته عوام پنھنجي بھتر مستقبل لاءِ  ووٽ جو صحيع استعمال ڪري ۽ اھل اميدوارن کي ڪامياب بڻائي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان اميد ڪيون ٿا ته برساتن جي تباهڪارين سبب ٿيل نقصان تي عوام جي گڏجي مدد ڪن،ڪارڪن مڪاني چونڊون جي تياريون شروع ڪن،سنڌ جي عورتن ۽  نوجوانن کي گھرجي ته اھي فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿين،ڪارڪن تڪبندين ۽ ووٽر لسٽن تي ڌيان ڏين،سنڌ جي ورھاست ڪنھن به صورت  ۾ برداشت ن ڪنداسين،سنڌ ڪائونسل جو اجلاس جلد سڏايو ويندو،اھڙن خيالن جو اظھار سيد صدرالدين شاھ راشدي پارٽي جي اعلي سطحي اجلاس کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو،هن چيو ته  وفاقي صوبائي حڪومت کان اميد ڪيون ٿا ته برساتن سبب ٿيل تباھي ۽ نقصانن تي گڏجي عوام جي مدد ڪندو ،ھن چيو ته جي ڊي اي جو سربراھ فنڪشنل ليگ جو سربراھ آھي اسان جي پارٽي صرف سنڌ تائين محدود ناھي چئني صوبن م موجود آھي،برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ م فصل مڪمل طور تباھ تي چڪا آهن،ماڻھون غربت جي لڪير کان ھيٺ ھليا ويا آھن، برساتن سبب تيل تباھي جو ازالو نه ڪيو ويو ته امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگھي ٿي،سيد صدرالدين شاھ وڌيڪ چيو ت عوام پنھنجي بھتر مستقبل لاءِ ووٽ جو صحيح استعمال ڪن ۽ اھل اميدوارن کي ڪامياب بڻائڻ ته جئين پاڪستان جو مستقبل روشن ٿئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.