” عورتون، ٻار غيرمحفوظ ڇو“ ملڪ گير احتجاج، انصاف نه ڏيندڙ رياست قبول ناهي: اڳواڻ

ڪراچي/لاهور/اسلام آباد (رپورٽر+بيورو+م ڊ) پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ موٽروي تي پيش آيل گينگ ريپ واقعي خلاف احتجاج ڪري انصاف ۽ سڌارن جو مطالبو ڪيو ويو، عورت مارچ جي آرگنائزرن پاران اسلام  آباد، لاهور، ملتان، پشاور، ڪراچي، راولپنڊي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جنهن ۾ تشدد جي خاتمي، حقن ۽ انصاف جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومتي قدمن، سي سي پي او لاهور عمر شيخ ۽ ٻين عملدارن جي احتساب، کاتن ۾ سڌارن،شفاف جاچ ۽ ٻيا مطالبا پيش ڪيا ويا، مظاهرو ڪندڙن ريپ ۽ کدڙن فقيرن بابت قانونسازي تي عملدرآمد۽ جنسي زيادتي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي سزائون ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو، حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته عوامي هنڌن تي عورتن کي تحفظ ڏنو وڃي، صنفي حساسيت کي نصاب ۾ متعارف ڪرايو وڃي، عورتن جي صحت، تعليم ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت وڌيڪ فنڊ استعمال ڪري، اسلام آباد ۾ مظاهري ۾ شامل ايڇ آر سي پي جي اڳوڻي ميمبر اظهر نسرين چيو ته عورت الله تعاليٰ جي خوبصورت تخليق آهي۽ اسلام عورت کي احترام ڏنو آهي، هن چيو ته عورتن سان زيادتي جو اهو پهريون ڪيس ناهي، اسان موٽروي تي پيش آيل واقعي جي سخت مذمت ڪريون ٿا، وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي صدر عصمت شاه جهان چيو ته ملڪ ۾ عورت، ٻار ۽ ايستائين جو جانور به محفوظ ناهن، گهرن ۾ عورت مائٽن کان جڏهن ته آفيس ۾ مرد اسٽاف کان محفوظ ناهي، هن چيو ته اسان کي اها رياست منظور ناهي جنهن ۾ انصاف  نه هجي ۽ ڏوهارين جو ساٿ ڏنو وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن سرعام ڦاهي ڏيڻي آهي ته ڇا اڌ پاڪستان کي چوڪن ۾ لٽڪائيندو، هتي ته مسجدن کان پارليامينٽ تائين ريپسٽ ويٺا آهن، عصمت شاهين چيو ته هاڻي پاڪستان جا فيصلا اسان عورتون ڪنديونسين، پاڪستان جي سماج، قدرن ۽ قانون کي تبديل ڪريو، ڊبليو ڊي ايف جي ڪارڪن طوبيٰ سيد  چيو ته جيستائين اسان کي اهو چيو ويندو ته گهر مان اڪيلي نه نڪرو، ان وقت تائين ريپ ٿيندو رهندو، عوامي ورڪرز پارٽي اسلام آباد جي ماريه ملڪ چيو ته پاڪستان ۾ عورتون خوف ۾ زندگي گذاري رهيون آهن، جڏهن اهي آزادي جي ڳالهه ڪن ٿيون ته انهن تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي، هن چيو ته جيستائين طاقتور قانون کان بچجندا رهندا ته ان وقت تائين سماج ۾ جنسي درنده جنم وٺندا رهندا، هن چيو ته وزيراعظم جي گهر ويجهو هڪ ٻار کي اغوا ڪيو ويو بعد ۾ هن جو لاش مليو، جيڪو حڪمران پنهنجي پاڙيسري کي انصاف نه ڏياري سگهي اهو عورتن کي ڪهڙو انصاف ڏياريندو؟ لاهور ۾ لبرٽي چوڪ تي عورتن وڏو احتجاج ڪيو ۽ متاثر عورت کي انصاف جو مطالبو ڪيو، انهن لاهور جي پوليس چيف کي عهدي تان هٽائڻ جو به مطالبو ڪيو، هوڏانهن عورتن ، ڇوڪرين ، ٻارن ۽ ٽرانس جينڊر ماڻهن تي جنسي حملن ۽ تشدد جي وڌندڙ واقعن خلاف ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب اڳيان هوم بيسڊ وومين ورڪر فيڊريشن، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن، يونائيٽڊ ايڇ بي ڊبليو، سياسي ۽ سماجي ڳواڻن طرفان گڏيل احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻن زهرا خان، ناصر منصور ، سائرا فيروز، گل رحمٰن، صدر حبيب الدين جنيدي، خضر قاضي، شبنم اعظم ۽ ٻين چيو ته لاهور واقعي مان ثابت ٿئي ٿو ته عورت محفوظ ناهي، ننڍن ٻارڙين جي قتل وارن واقعن کان پوءِ وحشي درندن پاران هڪ ماءُ جي عزت لُٽي وئي آهي. هنن چيو ته اهڙن واقعن جي جوابدارن کي عبرتناڪ سزا نه ملڻ سبب واقعن ۾تيزي سان واڌ اچي رهي آهي. جيڪڏهن ان کي فوري طور تي حل نه ڪيو ويو ته معاشرو تباهه ٿي ويندو.ان لاءِ رياست لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي رجعت پسند ۽ عورت مخالف بيان بازي کي تبديل ڪري، حڪومتي ۽ حڪومتي ادارن ان خيال کي مسلسل فروغ ڏنو آهي ته عورت هڪ برابر انسان نه آهي ۽ هن کي گهرن جي اندر چار ديواري  ۾ به گهرن جي ڀتين اندر محفوظ نه آهي. عقيدن ، روايتن ۽ اخلاق جي نالي ۾ عورت ، ٻارن ۽ ٽرانس جينڊر ماڻهن کي انهن جي بنيادي انساني ۽ شهري حقن کان محروم ڪيو ويو آهي. جڏهن به ڪا عورت آئين ۽ بين الاقوامي چارٽر جي تحت انساني حقن لاءِ آواز بلند ڪندي آهي ، ته هن کي مذهب مخالف مغربي پروپيگنڊا جو شڪار ٿيندڙ سازش جو حصو بڻايو پيو وڃي. ناصر منصور چيو ته ڪراچيءَ جي ڇهين ورهين جي مروه کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو ، شاهينه شاهين کي ڪوئيٽا ۾ بيدردي سان قتل ڪيو ويو ،ڪراچي ۾  ڊاڪٽر ماها جو پراسرار موت ۽گل پانڙه کي پشاور ۾ غيرت جي نالي تي قتل ڪيو آهي. جمهوري قدر ، رواداري ، سماجي انصاف ۽ اظهار جي آزادي جون قدرون سماج ۾ مسلسل حملا هيٺ آهن ، جنهن جي نتيجي ۾ معاشري ۾ مذهبي ، لساني ، نسلي ۽ جنسي خلا کي خطرناڪ شڪل ڏني وئي آهي. جيڪڏهن اهي اهڙي صورتحال پيدا ڪري پنهنجي طاقت کي مستقل ڪري سگهن ٿا  ته اصل ۾ اهي معاشري جي بنيادن کي لوڏي رهيا آهن، زهره خان چيو ته اهو رياست ۽ قانون سازن لاءِ ، انصاف جو نظام ۽ انتظاميه لاءِ نفرت ، جهالت ۽ رجعت پسند سوچ کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو آخري موقعو آهي. آمرن ۽ ظالمن طرفان آئين ۽ قانون ۾ ڀريل امتياز نظريي کي اڇلايو وڃي. ملڪ ۾ واقعي جمهوري ۽ ترقي پسند معاشري جي قيام لاءِ عورتن ، اقليتن ، قومن ۽ مزدورن کي برابر شهري تسليم ڪيو وڃي ۽ انھن جي معاشي ، سماجي ۽ سياسي حقن جو مڪمل تحفظ ڪيو وڃي. پيپلز ليبر  بيورو جي صدر حبيب الدين جنيدي چيو ته موجوده بگٽي واري صورتحال ۽ سماج جي ڪمزور طبقن ، خاص طور تي عورتن ، ٻارن ، ٽرانسجيڊر ماڻهن ، اقليتن ، مزدورن ، تي نظرياتي ۽ عملي حملن کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته سڀ مظلوم ، ترقي پسند ، روشن خيال ۽ انسان دوست دوست کي سياسي ۽ سماجي قوتن سان گڏجي آواز بلند ڪرڻ ڏيو. هنن چيو ته اهڙن واقعن جي جوابدارن کي عبرتناڪ سزا نه ملڻ سبب واقعن ۾تيزي سان واڌ اچي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته لاهور واقعي جي جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي،شيرين کوکر چيو ته لاهور واقعي مان ثابت ٿيو ته عورت محفوظ ناهي، اهڙن واقعن جي جوابدارن کي عبرتناڪ سزا نه ملڻ سبب درندگي وڌي رهي آهي، حڪومت اک پٽي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.