ڪراچي ۾ نينگر سان بد فعلي، جوابدار فرار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ نينگر سان بد فعلي جو هڪ ٻيو واقعو پيش آيو آهي ، جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ان  سلسلي ۾ مليل تفصيلن موجب اپر گزري واري علائي ۾ موبائل دڪاندار 10 ورهين جي نينگر کي موبائل فون ڏيڻ بهاني سندس ئي گهر جي خالي پيل مٿئين حصي ۾ وٺي وڃي ساڻس بد فعلي ڪئي. نينگر جي والد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. واقعي کي  ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود، پوليس جوابدار کي گرفتا ڪرڻ ۾ ناڪام آهي. نينگر جي وارثن جوابدار کي جلد گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.