پيرجوڳوٺ لڳ  گهر تي ڪاهه، عورت اغوا

پيرجوڳوٺ (ن ع آ )پيرجوڳوٺ لڳ  هٿياربندن گهر تي چڙهائي ڪري مبينا طور عورت کي اغوا ڪري ويا پوليس ٻن ڄڻن مٿان ڪيس  داخل ڪري ورتو رپورٽ موجب ڳوٺ ڦلائي ميتلو ۾ گهر تي هٿياربندن چڙهائي ڪري مسمات اقبال ميتلو کي مبينا طور اغوا ڪري ويا. گهر ڌڻي ٿاڻي تي پهچي فرياد ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدار ڪبوتر ميتلو ۽ سرور ميتلو مبينا طور سندس گهر واري کي اغوا ڪري ويا آهن. پوليس ڄاڻايل ٻن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف پوليس جوابدارن جي گهرن تي چڙهائي ڪري  ڪبوتر ميتلو کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.